SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


منظر


:جامع سنڌي لغات ۾

منظر

مَنظَرُ جمع مَنظَر

ذ . (ع. نَظرَ) . جاءِ نظر، اَک، چَشم. نظر. نگاهه، ديد. اک جو کوپو. چهرو، رخ، صورت، شڪل. نظرگاهه، سيرگاهه، جلوهه گاهه. تماشگاهه. نِظارو، ڏيک، ڏيکاءُ، لقاءُ. مطمح نظر، حد نگاهه، حدنظر، انتهاءِ نظر.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

منظر

(Scene)

ڊرامي جي هرهڪ ايڪٽ ۾ هڪ يا وڌيڪ منظر ٿي سگهن ٿا. يوناني ڊراما مسلسل هڪ مڪمل ايڪي طور ڪيا ويندا هئا، جن ۾ وچ وچ ۾ ڪورس ۾ ڪجهه چيو ويندو هو. سمجهيو وڃي ٿو ته هوريس اهو پهريون ماڻهو هو جنهن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي تي زور ڏنو. نئين سجاڳيءَ واري دور ۾ ڪنهن مرحلي تي فرينچ ڊرامي نگارن انهيءَ کي عام اصول بڻائي ڇڏيو. شيڪسپيئر (1564-1616ع) ۽ سندس همعصرن جي ڊرامن ۾ فطري وٿيون آهن، جن کي ايڪٽن واري ورهاست چئي سگهجي ٿو. انگلنڊ ۾ بن جانسن پنجن ايڪٽن واري ڊرامي جو بنياد وڌو. ان کان پوءِ ايڪٽن کي ڌار ڌار ڏيکارڻ لاءِ پردي ڪيرائڻ جو رواج پيو. ابسن (1906- 1828ع) ايڪٽن کي گهٽائي چار ڪيو. چيخوف (1904- 1860ع) جهڙن ڊراما نگارن به چار ايڪٽ رکيا، پر ويهين صديءَ جي ابتدائي سالن ۾ ٽن ايڪٽن جي ڊرامن کي ترجيح ملڻ لڳي، ٻن ايڪٽن وارا ڊراما به لکبا هئا ۽ هڪ ائڪٽ وارا (One act Plays) عام طور لکيا ويا آهن. جديد دور ۾ ايڪٽ ڪيترا به هجن، پردو صرف انٽرويل ۽ آخر ۾ ڪيرايو ويندو آهي. جديد ڊراما منظرن جي تسلسل سان پيش ڪيا ويندا آهن.ادب جو هڪ مضبوط ڪردار به سمجهي سگهجي ٿو.


منظر سان لاڳاپيل لفظ


.


منظر بابت وڌيڪ اصطلاح

  • تاريخي پس منظر
  • ترتيب ڏيڻ، ڪنهن اسٽوڊيو ۾ ڊرامي يا فلم لاءِ لڳل مستقل منظر
  • تشدد جا ڀوائتا منظر
  • تعليمي پس منظر
  • زميني منظر
  • زميني نظارو، منظر
  • سرورق جو پس منظر
  • سلسلو، ترتيب، سٽاءُ، فلمي منظر
  • سنواريل منظر
  • شين کي سمجهڻ جو هڪ خاص نقطه نظر- نظارو- پس منظر
  • عجيب ڏيک، اصول، متو، علامت، اھڃاڻ قدرتي منظر
  • فلمايل منظر
  • معاشرتي تاريخي پس منظر
  • معاشرتي معاشي پس منظر
  • هڪ طرفي تصوير يا منظر
  • وڻن جي ميڙ جو نظارو، منظر
  • پس منظر
  • پس- منظر
  • پيش منظر
  • ڏيک، منظر

  • .


    منظر لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ٺاپڻي

    ث. ڪنڀار جو اوزار ٿانون کي ٺپڻ لاءِ ڪاٺيءَ جي پٽي. ڏسو ”ٺپڻي“.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal