SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مناجات


:جامع سنڌي لغات ۾

مناجات

مُناجات جمع مُناجاتُون

ث . (ع. نجو). ڪَن جي ڳالهه، سرگوشي، سُس ڦُس. ڪنهن کي پنهنجو ڏنل ڀيد، رازُ، ڳُجههُ. خدا کان نجات جي لاءِ گهربل دعا (جا ائين گهري وڃي جيئن روبرو ويهي ڳالهائجي). خدا جي ساراهه ۾ چيل شعر. ساراهه، واکاڻ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

مناجات

(Manajat)

شاعري ۾ عاجزي ۽ التجا سان گهريل دعا. مناجات مذهبي شاعريءَ جو قسم آهي.مناجات عربي لکظ ناجيٰ مان نڪتل آھي. مداح وانگر ھي بھ خاص قسم جو شعر اھي. ھن ۾ شاعر پنھنجي ڏکن ۽ تڪليفن جو حال اوري ڌڻي تعاليٰ کان سوال گھري ٿو ۽ ٻاڏائي ٿو. ڪن حالتن ۾ پنھنجي ذاتي عقيدت جي بنياد تي پيغمبر صلي الله عليھ والھ وسلم، اصحابن سڳورن، اولياءَ ا ۽ درويش کي بھ واسطي طور ڪم آندو ويندو اھي. مداح ۽ مناجات ۾ خاص فرق ھيءُ اھي ته مداح ۾ خاص مضمون ساراھھ ۽ تعريف جو ھوندو اھي ۽ ضمني طور سوال يا عرض بھ ڪيو ويندو اھي. پر مناجات ۾ خاص مضمون، حال اورڻ ۽ مدد لاءِ سوال ڪرڻ ھوندو اھي ۽ ضمني طور ساراھھ ۽ تعريف ڪبي اھي. مجموعي طور مداح ۾ ساراھھ ھوندي اھي ۽ مناجات ۾ سوال جو عنصر غالب هوندو آهي.


.


مناجات بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ترانو- مناجات
  • دعا، مناجات

  • Remember Me Also:

    پرسان، پرشان

    ذ. ٻوٽي جو هڪ قسم ٽاريون سنهيون ۽ ڳاڙهيون، کوهه، درياء وغيره جي ڪپ تي پوسل ۾ ٿئي ۽ ٻن قسمن جو ٿئي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal