SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مصرع


:جامع سنڌي لغات ۾

مصرع

مِصرَعَ جمع مِصرعُون

ث . (ع). لغوي معنيٰ ۾ دروازي جوطاق. اصطلاحي معنيٰ ۾ شعر جو اڌ حصو. مثلا ”ويو اخلاص عالم مان عجب هي دؤر آيو آهه، ڊڄي هر ڪو ٿو ظالم کان عجب هي دؤر آيو آهه“. مٿئين شعر ۾ ٻه مصرعون آهن، جن مان پهرين سٽ کي مصرع اُولُيٰ ۽ ٻيءَ کي مص

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

مصرع

(Stanza)

”مصرع“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”دروازي جو هڪ طاق“. اصطلاحي معنيٰ موجب، شعر جي هڪ سٽ يا وڌيڪ سِٽون، جنهن ۾ شاعر مختلف لفظن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ۽ کين لڙهيءَ ۾ پوئي موزون طريقي سان پيش ڪري. اهڙيون ٻه مصرعون گڏ آڻڻ سان شعر ٺهي پوندو. هڪ ڊگهي نظم ۾ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي مصرعون آڻي سگهجن ٿيون. مستزاد تي جوڙيل نظم ۾ مطلع جون ٻئي مصرعون وڌايل ٽڪري سميت هڪ ٻئي سان هم وزن ۽ هم قافيه ٿينديون آهن ۽ باقي بندن مان هر هڪ بند جي پهرين مصرع ۾ ان جو وڌايل ٽڪرو پاڻ ۾ هم قافيه ٿيندا آهن، پر مطلع سان ساڳئي قافيي ۾ نه هوندا آهن. البت انهن جو وزن مطلع سان موافقت رکندو آهي ۽ ٻي مصرع ساڳئي وزن ۾ پهرئين بند جي ٻنهي مصرعن يعني مطلع سان هم قافيه ٿيندي آهي.


.


مصرع بابت وڌيڪ اصطلاح

  • تڪ، بيت جي اڻپوري سٽ- مصرع
  • ربائي، قطعه، چو مصرع

  • Remember Me Also:

    چانڊوڪو

    ذ. صفت. چنڊ جو ، چنڊ وارو. چنڊ جي روشنيءَ سبب روشن.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal