SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


مشاهدو


:جامع سنڌي لغات ۾

مشاهدو

مُشاهَدو جمع مَشاهَدا

ذ . (ع. مُشاهده< شَهَدَ=هن ڏٺو)نظارو، ڏيک، منظر، ڏيکارو، نِماءُ. دِيد، ديدار، درشن. جاچا، ڏسڻي، معائنو. تماشو. لقاءُ . نور اِلاهيءَ جو نظارو. قدرت جو تماشو. عيني تجربو، عيني ثبوت، اکين ڏٺو دليل، چشم ديده ثبوت .

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

مشاهدو

(Observation)

ھڪ شاعر ۾ نھ فقط حسن جي مشاھدي ۽ حقيقت جي پروڙ جي قابليت ھجڻ گھرجي، پر ان سان گڏ ھڪ ٻئي ھنر جو ھجڻ پڻ ضروري اھي، جنھن کي شعري صنعت چئجي ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنھنجي خيالن ۽ جذبن کي اھڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾ اھڙي سليس پر رنگين عبادت ۽ اھڙن نون ويسن، ورثن ۾ اھڙي ڍنگ ۽ طرز سان بيان ڪري ٿو، جو پڙھندڙن جون دليون بي اختيار ڇڪجيو وڃن.


مشاهدو سان لاڳاپيل لفظ


.


مشاهدو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اندر جهاتي- نفس جو مشاهدو
  • اندروني نگاهه، باطني مشاهدو
  • انفرادي مشاهدو
  • رڪارڊ ۾ آيل مشاهدو
  • سائنسي مشاهدو
  • سراسري رفتار جو مشاهدو
  • ضابطي هيٺ مشاهدو
  • عملي مشاهدو
  • متبادل مشاهدو
  • مٿي بيان ڪيل مشاهدو
  • پيشه ورانه مشاهدو- فني مشاهدو
  • گهرو مشاهدو

  • .


    مشاهدو لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    پالٿي

    ث. ويهڻ جو هڪ نمونو. ڏسو ”پَلٿي يا پاٿولي“.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal