SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


لاهوت


:جامع سنڌي لغات ۾

لاهوت

لاهُوتُ

ذ . ع. لاهُوتُ= عالم ذات الاهي عالم ذات الاهي، جنهن ۾ مالڪ کي فنا في الله جو مقام حاصل آهي، صوفي طريقي جي چوٿين منزل ، لَئُون، مَحوِيَتَ. اسم خاص. ڪراچيءَ کان ڇٽيهه ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ زيارت گاهه جو نالو ، پٻ جبل جي هڪ وڏي صفي جو نالو. هڪ مڪان جو نال

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

لاهوت

(Lahoot)

لاهوت لامڪان ؛ ڪراچي کان اتر اولهه طرف اٽڪل 30 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي سارونه جي ويجهو آهي. پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملنگ، لاهوت تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن لاهوت تي ايندڙ هر ماڻهو کي “لاهوتي” سڏيو ويندو آهي.ٻي معنيٰ ۾ اهي رنگجي ريٽا ٿيندا آهن ۽ پوءِ اهي به ڪنهن منزل تي پهچائڻ جي ضمانت بڻجي پوندا آهن. لاهوت ڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي ته اڳ ۾ “هاهوت” ڪجي اها هڪ اهڙي سوڙهي دري يا غار آهي، جنهن کي پرک جي دري به چوندا آهن. لاهوت، صوفين جي هڪ منزل به آهي. لاهوت لامڪان سان وابسته فقير، پوئلڳ. سنڌ جا ماڻهو جڏهن لاهوت گهمي ايندا آهن، تڏهن هو لاهوتي سڏائيندا آهن.


Remember Me Also:

اتاليق

ذ. [ترڪي] خانگي طور پڙهائيندڙ ، گهَروُ معلم. اُستاد. سنڀاليندڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal