SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


فلانجيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


فلانجيت

Falangism

فلينجزم

اسپين ۾ فلينجي (Falange) نالي هڪ فسطائي تحريڪ 1930ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار جنرل ’فرانڪو‘ اسپين جو حڪمران بڻيو. فلينجزم دراصل اهڙي تحريڪ آهي، جنهن مطابق تاريخي روايتون ۽ اجتماعي قومي سوچ ساڄي ڌر جي سوچ، سان مطابقت رکنديون آهن ۽ جنهن ۾ رياستي ۽ ٻيو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ آپيشاهيءَ جي سرشتي جي ضرورت سمجهي ويندي آهي. هيءَ تحريڪ مئڊرڊ جي ميئر جوز ’انتوينو پرائيمو ڊي روارا‘ جي قيادت ۾ قائم ٿي. اِن جو مقصد اسپين جي اڳوڻي آمريت پسند وزير اعظم ۽ پنهنجي پيءُ ’مئگوئيل ڊي رورا‘ جي سخت پاليسين جو ورجاءُ ڪرڻ هو. هيءَ تحريڪ اٽليءَ جي فاشي نظريي جي ويجهو ۽ ڪميونسٽ خيالن جي ڪٽر مخالف هُئي . هن سوچ جون شاخون اسپين ۾ اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ جاري ۽ ساري آهن. ساڳئي نالي سان لبنان ۾ عيسائي پير‘مئرون’ (چوٿين صدي عيسوي) جي پوئلڳ ”ميروني عيسائين“ جي هڪ سياسي پارٽي به قائم ڪيل آهي


Remember Me Also:

ابتداء

ظرف. شروع کان ، اَولا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal