SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


فسطائيت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

فسطائيت

(Fascism)

فسطائيت، هڪ فاشسٽ تحريڪ هئي، جيڪا سياسي ۽ سماجي مقصد رکندي هئي، ان جا مقصد عورتن ۽ مردن لاءِ هڪ جهڙا حق ۽ حڪومتي طاقت هئا. هٽلر (1889-1945ع) ۽ مسولني (1883-1845ع) فاشٽي اصولن جا اهم سرڪردا هئا. هي رويو/فسطائيت يورپي ادبي دنيا ۾ هڪ وقت زور شور سان موجود رهي. هي وڏو اثر رکندڙ تحريڪ هئي. فاشزم، ترقي پسندي ۽ جدت مخالف رويو آهي.


سياسي اصطلاحن جي لغت مان:

فسطائيت

Fascism

هي نظريو 1919ع کان 1945ع جي وچ واري دؤر ۾ وڌيو. هي اصطلاح سڀ کان پهريائين ”بيٽو مسوليني“ 1919ع ۾ استعمال ڪيو، جنهن جو بنياد قومپرستي تي آهي. 1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ يورپ ۾ مختلف فسطائي جماعتن جنم ورتو جن جو تعلق ساڄي يا کاٻي ڌر سان هو. انهن ۾ مشهور اڊولف هٽلر، جنرل فرانڪو ۽ مسوليني جون جماعتون مشهور آهن. ان تحريڪ جو بنيادي مقصد هو ته نسل پرستي کي وڌائيندي جمهوريت خلاف نفرت ڦهلائڻ ته جيئن قومي اتحاد پيدا ڪري سگهجي.


تجارت ۽ بينڪاريءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


فسطائيت

Fascism


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


فسطائيت

Fascism

فئشزم/فاشزم

20 صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ وجود ۾ آيل هيءُ هڪ بڻائتو يعني ريڊيڪل ۽ آمريت پسندانه قومپرست سياسي نظريو آهي، جنهن تي هلندي انتهاپسند خيال رکندڙ ڪو شخص يا گروهه پنهنجن سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ، مخالفن تي ڏاڍ ذريعي سياسي طاقت حاصل ڪري، ان کي پنهنجي انتهاپسند نظرياتي ۽ سياسي منصوبن جي ڪاميابيءَ لاءِ استعمال ڪندو آهي. اِن نظريي تحت ويهين صديءَ جي وچ ڌاري اٽليائي قوم پنهنجو پاڻ کي مٿانهون سمجهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجن مخصوص مفادن ڪارڻ ٻين قومن جي پرماريت کي جائز قرار ڏنو. هي نظريو فاشي والار پسند مقصدن جي فروغ لاءِ فوجي آمريت جي قيام ۽ (فرد جي آزاد حيثيت ختم ڪري ) انتهاپسند پارٽيءَ جي برپائي ڪرڻ ۽ هر ڪم ۽ رياستي سرشتي کي اُن جي حڪم تحت ڪرڻ جي خيالن تي ٻڌل هو. هن نظريي ۾ يقين رکندڙ نسلي، ثقافتي ۽ سياسي ڌڙي بنديءَ جا سخت مخالف آهن. اڄ به ڪنهن رياست ۾ هلندڙ ان قسم جي نظام کي فاشزم چيو ويندو آهي. اٽليءَ جي ’بينيتو مسولينيءَ‘ کي هن تصور جو موجد ۽ عامل سمجهو ويندو آهي


Remember Me Also:

اظهار نامو

ذ. اعلان ، پڌرنامو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal