SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عهدنامو-معاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عهدنامو-معاهدو

Treaty

ٽريٽي

ڪن به ٻن رياستن وچ ۾ ڪن مخصوص معاملن تي اتفاق راءِ ۽ انهن تي عمل درآمد واري سلسلي کي ”عهدنامو“ يا ”معاهدو“ سڏيو وڃي ٿو. بين الاقوامي قانون موجب: هڪ دفعو ڪي به ٻه رياستون/ قومون جڏهن ڪنهن به قسم جي بحران، تڪرار يا اڳڀرائي تي متفق ٿي پاڻ ۾ ڪو معاهدو ڪن ٿيون ته اهي معاهدي جي شقن کي مڃڻ لاءِ ذميوار پڻ بڻجن ٿيون. ڪوبه ”معاهدو“ (الف) رياستن جي وچ ۾ (ب) معاهدي ڪرڻ واري حيثيت رکندڙ بين الاقوامي تنظيمن ۽ رياستن درميان (ج)، مختلف بين الاقوامي تنظيمن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو. ”ويانا ڪنوينشن“ (1969ع) ”معاهدي“ بابت وضاحت ڪندي شق: (a) (1) 2 تحت هيٺين ريت رهنمائي ڪري ٿو، ”بين الاقوامي قانون جي ضابطن هيٺ ڪن به ٻن ڌرين/رياستن وچ ۾ لکت جي صورت ۾ ٿيل سهمتي، جيڪا ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ دستاويز تي مشتمل هجي ۽ ان جو ڪونه ڪو واضح حدف مقرر هجي.“ اهڙي طرح ٺاهه، سهمتي، ضابطا ۽ بااختيار اقرار نامه به ڪنهن مڪمل معاهدي جي شڪل اختيار ڪري سگهن ٿا. معاهدي لاءِ ضروري آهي ته اهو تحريري شڪل ۾ هجي، ڇاڪاڻ ته ويانا ڪنوينشن مطابق زباني معاهدن جي صورت ۾ ان تي عمل درآمد لاءِ ڪوبه قانوني رستو واضح نه ٿو ٿئي، بلڪ اهو ته ٻنهي ڌرين جي نيت جو محتاج هجي ٿو. ڪوبه معاهدو ٻن يا ان کان وڌيڪ ڌرين ۾ ٿي سگهي ٿو


Remember Me Also:

نهنگ

نِهَنگُ جمع نِهَنگَ

ذ . دريائي جانور جو هڪ قسم. گهوڙيال، واڳو، مانگر مڇ. شينهن. سٿڻ ۾ اڳٺ وجهڻ واري جاءِ ، اُبداڻو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal