SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


صيهونيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


صيهونيت

Zionism

زاينزم

هن نظريي يا تحريڪ جي اصل شروعات ته پهرين صدي عيسويءَ دوران، يهودين جي، وچ اوڀرمان جلاوطنيءَ سان ٿي ، جيڪا مختف روپن ۾ صدين تائين جيئري رهي . البته جديد صيهوني تحريڪ جي ابتدا 1897ع ڌاري سئٽزرلينڊ جي شهر بيسل (Basle) ۾ سڏيل ’عالمي يهودي ڪانگريس‘ ۾ ٿي. آسٽرو-هنگريائي رياست جي شهر ’پيسٽ‘ ۾ ڄاول مشهور صيهوني صحافي/اڳواڻ ’ٿيوڊورهَرزل‘ 1896ع ۾ ”يهودي رياست“ ( Der Jude Stat ) جي عنوان سان پمفليٽ لکي ، هن تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي نظريي جي سلسلي ۾ کيس اوڀر يورپ مان به سرگرم حمايت حاصل ٿي. ”صيهونيت“ جو مقصد دُنيا ۾ يهودي گهڻائيءَ تي ٻڌل هڪ اهڙي رياست قائم ڪرڻ هو، جيڪا قدامت پسند يهودي نظريي موجب سڄي دنيا ۾ يهودين جي مفادن جي تڪميل ڪري ۽ کين پنهنجي عقيدي مُوجب زندگي گذارڻ جو حق ملي. يهودين جي انهيءَ خواهش جو پورائو 1948ع ۾ ٿيو، جڏهن وچ اوڀر ۾ اسرائيل وجود ۾ آيو. صيهونيت هن مهل به دُنيا جي معيشيت تي ڪنٽرول ڪندي عالمي سياست ۾ اهم طاقت طور وجود رکي ٿي


Remember Me Also:

چيري چپو

ذ. چَنَرَ راند جي اها حالت جنهن ۾ ڪوڏيُن بدران چِيريَل ڪاٺي جا ٽڪرا استعمال ٿين.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal