SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


صوفي


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


صوفي

A सूफ़ी s. m.

A kind of religious devotee.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

صوفي

صُوفِي جمع صُوفِي

ذ. صفت. ع. صُوف = اُن مان ٺهيل ڪپڙو اوني ڪارو کٿو ڍڪيندڙ ، پشمينه پوش. متقي ، پارسا ، پاڪباز ، پرهيزگار ، صاف. ذ. طريقت وارو سالڪ ، سلوڪ وارو فقير. شراب يا ڪنهن به ٻئي نشي کان پرهيز ڪندڙ. اسم خاص. هڪ ذات جو نالو. تعلقي عمرڪوٽ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

صوفي

(Sufi)

”صوفي“ جو تعلق ”تصوف“ سان آهي. ”تصوف“ جو مطلب آهي، ”حقيقت کان واقف ٿيڻ“ يا ”الله تعاليٰ جي واٽ ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ.“ مطلب ته صوفي اهو الله لوڪ انسان آهي، جو پنهنجي دل ۾ هڪ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به تمنا يا شوق نه ٿو رکي. هو دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي، دل جي گهراين سان الاهي عشق ۾ اهڙو ته محو ٿي وڃي ٿو، جو مٿس سرمستي ۽ بيخوديءَ جي حالت طاري ٿي وڃي ٿي. هن جو اندر (دل) هميشه پاڪ ۽ صاف رهي ٿو. هن جي دل ۾ ڪنهن به انسان يا ساهواري لاءِ وير ۽ دشمني، بغض ۽ ڪينو، حسد ۽ ساڙ نه ٿو رهي. هو ڪنهن به مذهب يا فرقي سان غير نه ٿو رکي. صوفي سڀني انسانن ۽ سندن مذهبن لاءِ عزت، احترام ۽ احساس رکي ٿو. هو پنهنجي ۽ اُنهن جي وچ ۾ ذري جيترو به فرق نه ٿو رکي. صوفي پنهنجي جسم تي اڪثر سادا ڪپڙا پهريندا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته صوفي لفظ ’صوف‘ يعني چشم يا ان جي ڪپڙي مان ورتل آهي، ڇو ته صوفي اوني ڪپڙا پائيندا آهن. اڄڪلهه صوفي گيڙو رنگ جا ڪپڙا به اوڍيندا آهن. صوفين جون چار منزلون ٿين ٿيون، جن مان هو پاڻ کي پار ڪرڻ لاءِ رياضتون ڪن ٿا. اُهي چار منزلون مختصر وضاحت سان هت ڏجن ٿيون: (1) شريعت، (2) طريقت، (3) حقيقت ۽ (4) معرفت.


سرائڪي سنڌي لغت مان:

صوفي

سرائڪي : صوفی

سرائڪي ۽ سنڌي: صُوفیِ/صُوفِي

]مث[ هڪ قسم جو ٿلهو ڪپڙو، الله وارو، حق ڄاڻڻ وارو


صوفي سان لاڳاپيل لفظ


.


صوفي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اهلِ معرفت- صوفي

  • Remember Me Also:

    جهان داري

    ث. حڪومت ، بادشاهي. دنيا ۾ اُٿڻ ويهڻ ۽ هلڻ چلڻ جا طور طريقا.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal