SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


صفت-جنس-صنف


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


صفت-جنس-صنف

Gender

جينڊر

بين الاقوامي تعلقات ۾ ”جينڊر“ جو موضوع 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ ”امن بابت تحقيق“، ”تنقيدي نظريي“ ۽ ”ترقياتي اڀياسن“ سان سلهاڙجندي سماجي سائنسن جي دائري اندر بحث هيٺ آيو. ان ڏس ۾ نامياري محققه Bernice Carroll: The Peace Research جي عنوان سان ڇپيل اهم مضمون ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ، ڪئرول، ان مضمون ۾ ”طاقتي سياست“ ۾ ٻين روايتي محرڪن سان گڏ، ”توصيفي مسئلن“ خاص طور عورت جي سگهاري اثر بابت وڪالت ڪندي، بين الاقوامي سماج ۽ طاقتي سرشتي ۾ ان جي مناسب ڪردار بابت لکيو. سندس خيال موجب بين الاقوامي تعلقات ۽ ان جي دائري ۾ ايندڙ روايتي تصورن ۾ تبديلي آڻيندي، انهن ۾ نئين دور ۽ ان سان لاڳاپيل پيڙهيل صنف جو ڪردار خاص طور ڳڻيو وڃي. ان کان پوءِ ئي عورت جي مسئلن، جنگ، امن، ۽ ترقيءَ بابت، بين الاقوامي تعلقات جي اڀياس ۾ نو ان در کليا ۽ 1988ع ۾ انتهائي اهم برطانوي تحقيقي رسالي Millennium طرفان ”عورت ۽ بين الاقوامي تعلقات“ تي هڪ مڪمل شمارو شايع ڪيو ويو. ان ابتدا جي نتيجي ۾ ”جينڊر“ سان لاڳاپيل مواد، معاملن ۽ محققن بابت سڄي دنيا ۾ اهميت جوڳا بحث شروع ٿي ويا ۽ کين عالمي معاملن ۾ اهميت ملڻ لڳي، ”جينڊر“ دراصل ڪن اهڙين وصفن جو مجموعو آهي، جيڪي نَرَ ۽ ماديءَ، خاص طور عورت ۽ مرد جي وچ ۾ تفاوت کي واضح ڪن ٿيون. اهو تفاوت حالتن موجب جنس، سماجي ڪردار ۽ وصفي سڃاڻپ جي حوالي سان سامهون اچي ٿو. سماجي سائنسدان هن موضوع کي سماجي زندگيءَ جو اهم ترين معاملو ڳڻائين ٿا. جڏهن ته فطري علمن جا ماهراُن موضوع جي وضاحت حياتياتي فرق جي بنياد تي بيان ڪن ٿا. بهرحال عام طور تي ”جينڊر“ کي مرد ۽ عورت جي بنياد تي بحث هيٺ آندو وڃي ٿو، پر وقت گذرڻ سان گڏ دنيا ۾ کدڙن کي به ”ٽين جنس“ طور مڃتا ملي رهي آهي. عام طور تي مختلف صنفن کي سياسي ۽ سماجي تاڃي پيٽي ۾ مختلف ڪردار ملڻ ڪري، استعمال جوڳو ماحول جڙي ٿو ۽ قابض صنف پاڻ کان ڪمزور صنفن تي پنهنجي مرضي مڙهڻ لڳي ٿي. ان اڻ برابريءَ جي نتيجي ۾ ڪنهن به آباديءَ جو هڪ اڌ يعني عورت خاص طور ناانصافيءَ جو شڪار ٿئي ٿي ۽ کيس ملڪي معاملن ۾ حصيداريءَ کان سواءِ، صحت ، روزگار، سماجي مڃتا ۽ ٻين معاملن ۾ متڀيد جو شڪار بڻايو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ عالمي ادارن، تحقيقي حلقن ۽ مهذب سماجي تنظيمن طرفان صنفي اڀياس ( Gender Studies) بابت خاص قدم کڻڻ سان گڏ ملڪي ۽ عالمي سياست ۾ سڀني صنفن جي برابريءَ ۽ انصاف ڀري حصيداريءَ لاٰءِ عملي ڪوششون ورتيون پيون وڃن


Remember Me Also:

اجرڪ ڪلهي تي رکڻ

سنڀرڻ ، وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ. ڪاوڙجي وڃڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal