SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


شاعري


:جامع سنڌي لغات ۾

شاعري

شاعِرِي جمع شاعِرِيُون

ث. شعرن ٺاهڻ جو هنر. شعر بَندِي ، قافيَه بندي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

شاعري

(Poetry)

شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ’ڪويتا‘ به چئبو آهي. شاعري جذبن جي اظهار جو نالو آهي، جيڪا بي ساخته ڪئي ويندي آهي. وليم وزڊس ورٿ چيو هو ته ”شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساخته اظهار آهي.“ (ڏسو سريلن گين جو مهاڳ) شاعري قدرتي ڏات هوندي آهي، جنهن سان اندر جي ترجماني ٿئي ٿي. شاعر جي ھڪ اھڙي تخليق جيڪا انسان جي جذبن ۽ احساسن سان واسطو رکي ٿي. پر ان ۾ خيال جي پرواز به اعليٰ هوندي آهي. شاعري انساني زندگيءَ جي تصوير ۽ اندروني ڪيفيتن جو اظھار آھي. شاعري قدرت جي دلفريب ۽ دلڪش منظرن جو عڪس به ڪري ٿي. سنڌي زبان ۾ شاعري عام طرح ٽن نمونن جو آهي جهڙوڪ: (1)قديم شاعري. (2) عروضي شاعري. (3) جديد شاعري. 1- سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف تمام قديم اھي. عربن جي زماني کان به گهڻو اڳ سنڌ ۾ شعر چيو ويندو ھو. قديم شاعري ۾ گنان، ڪبت (الف اشباع)، ڏوهيڙو، بيت، وائي، ڪافي ۽ سلوڪ، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون هي صنفون هندي ڇند وديا ۽ موسيقيءَ جي ماترائن تي ٻڌل هونديون آهن. ۽ منجهن سٽون موزون ۽ قافيي واريون ٿينديون آهن. هن ۾ لوڪ، لوڪ-ڪلاسيڪل ۽ ڪلاسيڪل شاعري اچي وڃي ٿي. 2- عروضي شعر اهو آهي، جو علم عروض جي قانونن پٽاندڙ جوڙيل هجي؛ يعني شعر ۾ مصرعون نه رڳو وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر ان سان گڏ اهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هئڻ کپن. اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ ”رديف“ به ڪم آندو ويندو آهي. هن قسم جي شعر ۾، حمد، نعت، قصيدو، غزل، نظم، مثنوي، رباعي، قطعو، مستزاد، فرد، مسمط، ترجيع بند، ۽ ترڪيب بند، وغيره اچي وڃن ٿا.


.


شاعري بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اساسي شاعري
  • بازاري شاعري
  • تجريدي شاعري
  • داخلي شاعري
  • درٻاري شاعري
  • دعائيه شاعري
  • رزميه شاعري
  • رس نگار شاعري
  • روايتي شاعري
  • سينگار شاعري
  • شاعرائي يا شاعري
  • شراب جي ذڪر واري شاعري
  • طرحي شاعري
  • عاشقاڻي شاعري
  • عروضي سنڌي شاعري
  • غنائي شاعري
  • غير قافيه شاعري
  • فطرتي شاعري
  • قومي شاعري
  • لوڪ شاعري
  • مابعد الطبعياتي شاعري
  • مثنوي، رزميه شاعري
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    شاعري لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    هنجهون هارڻ

    هَنجهُون هارَڻُ

    ڳوڙها ڳاڙڻ، روئڻ، راڙو ڪرڻ، لڙڪ وهائڻ، جهڄڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal