SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


شارح


:جامع سنڌي لغات ۾

شارح

شارِحُ جمع شارِحَ

ذ. صفت. [ع. شَرحَ = کولڻ] شرح ڪندڙ ، کولي بيان لکندڙ ، معنيٰ ڪندڙ ، ٽيڪاڪار.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

شارح

(Interpreter)

شرح لکندڙ، معنيٰ ۽ وضاحت ڪندڙ، مثال طور ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي شاهه لطيف جو شارح چيو ويندو آهي. هن ان ڏس ۾ ”روح رهاڻ“ ۽ ”مقدمه لطيفي“ لکيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سر سارنگ جي شرح“ لکي، رسول بخش ڏيري سُر يمن ڪلياڻ جي شرح لکي. اهڙي طرح شاهه جي رسالي جي ڪلياڻ آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين عالمن شرح لکي آهي، ان ڪري کين ۽ اهڙي طرح ٻين شاعرن يا فلسفي جي فڪر جي تشريح ڪندڙن کي به شارح سڏيو ويندو آهي.


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


شارح

Annotator


Remember Me Also:

سڪي

ث. خُشڪِي ، خُشڪُ زمين.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal