SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سوشلزم


:جامع سنڌي لغات ۾

سوشلزم

سوشلِزِمِ

اسم خاص. [انگ. ]Socialism سوسائٽيءَ جو هڪ نظريو ، اشتراڪيت ، اِجتماعيت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سوشلزم

(Socialism)

سوشلزم يا سماجواد جو سائنسي تصور ان وقت اڀريو جڏهن صنعت جو آغاز ٿيو، صنعت سرماياداري نظام کي جنم ڏنو، جنهن ۾ وڏا جديد ڪارخانا قائم ٿيا ۽ محنت اجتماعي شڪل اختيار ڪري ورتي. پورهيت طبقي ۾ به جدت آئي ۽ پرولتاري جي صورت ۾ هڪ اهڙي پورهيت جو جنم ٿيو جنهن وٽ ڪا به ملڪيت نه هئي ۽ هو فقط پنهنجي قوت محنت وڪڻي رهيو هو، صنعتي نظام ۾ پوءِ جديد سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي انقلاب پورهيت کان هر قسم جو اوزار کسي ورتو، محنت اجتماعي ٿي وئي. ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس 1948ع ۾ ڪميونسٽ مينيفسٽو لکي سوشلزم جو خاڪو پيش ڪيو، هنن اهو چيو ته هاڻي جڏهن محنت اجتماعي ٿي چڪي آهي تڏهن اهو ضروري ٿي ويو آهي ته ان محنت جو ڦل به اجتماعي طور کنيو وڃي، وڏن سرمائيدارن جو خاتمو ڪري محنت جي مالڪي سموري سماج کي ڏني وڃي، اهڙي نظام کي سوشلزم چيو وڃي ٿو.


Remember Me Also:

ترڪيب اضافي

ث. علم نحو جو اصطلاح ، اضافت، ملڪيت يا واسطيداري ڏيکاريندڙ مرڪب لفظن جي بناوت.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal