SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سهرو


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


سهرو

सहुरो s. m.

A father-in-law.


सिहिरो s. m.

A chaplet, garland, worn on the head by bridegroom at the marriage ceremony. A hymeneal or marriage song.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

سهرو

سَهرو جمع سَهرا

ذ. [سن. شَڪا = تعريف جو گيت] شاديءَ جي وقت گهوٽ جي مٿي تي ٻَڌڻ ۾ ايندڙ موڙ ، مُٽَڪُ ، مُڪَٽَ. شاديءَ جو راڳ ، ڳِيچ ، لاڏو ، ڳاچُ.

سُهرو جمع سُهرا[ع.

صِهر] گهوٽ لاءِ ڪنوار جو پيءُ ، ڪنوار لاءِ گهوٽ جو پيءُ ، سُسَر ، خُسرو. هه.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سهرو

(Marriage Song)

سھري کي لاڏو به چيو ويندو آھي. سهري جي لفظي معنيٰ آهي سهرو يا گلن جا موڙ، جيڪي شاديءَ جي موقعي تي گهوٽ يا ڪنوار جي نرڙ تي ٻڌندا آهن. اصطلاح ۾ انهيءَ نظم کي چيو ويندو آهي جيڪو سهري ٻڌڻ جي موقعي تي چئجي. اهي سهرا يا موڙ جيڪي گهوٽ جي منهن تي ٻڌبا آهن گهڻو ڪري پيرن تان آڻبا آهن ۽ مراد پوري ڪري پڳ سان گڏ وري واپس به ڪبا آهن. سھرا، شاعري خاطر نھ بلڪ کائڻ خاطر جوڙياويندا آھن. تنھن ڪري سٽاءَ ۽ خيال ۾سادا ھوندا اھن. انھن ۾ ڪو ڳوڙھو خيال رکيل نھ ھوندو اھي، بلڪ تمام سادگي سان خوشي جو اظھار ملندو اھي.


انگريزي-سنڌي ڊڪشنريءَ مان:


سهرو

Father in law


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


سهرو

Father in law


سهرو سان لاڳاپيل لفظ


.


سهرو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • گلاب جو باغ، مالها، تسبيح، سهرو

  • Remember Me Also:

    اٺوڳ

    ذ. [سن. اَشٽَمڪ = اٺون] اٺون حصو ، اٺين پتي. ڪنهن پيدائش جو ڍل طور ڏنل اٺون حصو. تعلقي اُٻاوڙي ۾ ڏَهرن جي سردار کي سرڪاري طرح اُٻاوڙي تعلقي جي ڍل جو ملندڙ اٺون حصو. رن زال کي مري ويل مڙس جي مليڪت مان مليل ٻه آنا حصو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal