SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سنڌيون


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سنڌيون

(Sindhi Educational Movement)

”سنڌيون“ دراصل اهي سنڌي مذهبي ڪتاب هئا، جيڪي سنڌي عالمن پنهنجي ترتيب ڏنل/جوڙيل عربي-سنڌي الف-ب ۾ لکيا. سن 1700ع ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661-1711ع) جي جوڙيل الف-ب جيتوڻيڪ سڄيءَ سنڌ ۾ نافذ نه ٿي سگھي، پر سنڌ جي ڪيترن ئي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ اھا پنھنجي اھميت مڃرائي چڪي ھئي. ملڪ جي اڪثر درسگاھن ۾ مادري زبان وسيلي تعليم جو سرشتو قائم ٿي چڪو هو. وقت جي جيد عالمن ۽ استادن ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. سنڌي ميڊيم مدرسا قائم ٿيا. ھن تحريڪ ھيٺ جيڪا الف-ب جوڙي ويندي ھئي، ان کي “سنڌي” سڏيو ويندو ھو. مثال طور “مخدوم ابوالحسن جي سنڌي”، ”مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي سنڌي“، ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ وغيره وغيره . ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ۾ چيو آهي ته”مغلن جي راڄ جو آخري عرصو ۽ ڪلهوڙن جو ابتدائي دؤر سنڌي زبان لاءِ نوان نياپا، نوان موڙ، نيون ڌارائون ۽ نوان ماپا کڻي آيو. هڪ طرف مخدوم ابوالحسن ، مخدوم ضياءُ الدين (1677-1757ع)، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1691-1760ع) ، شاهه عنايت شهيد، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ شاهه لطيف سنڌي زبان ۾ نئون روح ڦوڪي ان کي تاحيات ۽زنده جاويد بنائي ڇڏيو ۽ اهڙي عام فهم ٻوليءَ ۾ صوفياڻو پيغام سنڌ وارن کي ڏنو، جنهن نه صرف سڄيءَ سنڌ پر سنڌي زبان کي امر بنائي ڇڏيو.“ ’سنڌيون‘ عنوان سان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ڪتاب سن 1970ع ۾ ڇپيل آهي.


سنڌيون سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

رنگ لائڻ

رنگين ڪرڻ ، رنگ لڳائڻ ، رنگدارُ ڪرڻ. تماشو ڪرڻ ، رؤنشو ڪرڻ ، وڏي سُهڻائي پيدا ڪرڻ ”رنگ لائي ڇڏيائين!“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal