SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سنڌي


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


سنڌي

S सिंधी adj.

Of Sindh, Sindhi.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

سنڌي

سَنڌِي جمع سَنڌِيُون (ک)

ث. عضون جو ميلاپ سَنڌَ ، جوڙ.

سِنڌِي جمع سِنڌي

ذ. سِنڌ ملڪ جو رَهاڪو. اسم خاص. سنڌ ملڪ جي ٻوليءَ جو نالو. سُڳداسِي چانورَن جو هڪ قسم.

سَنڌِي جمع سَنڌِيُون (ک)

ث. کاري جي ٻيڙيءَ جو هڪ عضوو ، پرماڻ سڙهه جي ڪاٺي جي مُهڙياري چوٽي وارو درياهي ٻيڙيءَ جو گوش. عضوو ٿ. وڇوٽي ، دُوري. ف. صفت ملائي هڪ ڪيل ، چپيل. هضم ڪيل.

سُنڌِي جمع سُنڌِيُون (ڪ)

ث. گوشت جي ٻوٽي ، ڳڙي ، سُڌِي. سُنڍي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سنڌي

(Sindhi)

سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي مڙني ٻولين ۾ھڪ بڻائتي ۽ قديم ٻولي آھي، جنھن جو ادب صدين کان شاھوڪار ، شاھڪار، وڌندڙ ۽ ويجھندڙ آھي.ھن ٻوليءَ جون پاڙون موھن جي دڙي جي پوريل تھذيب ۾ کتل آھن. ھن ٻوليءَ کي تاريخ جي ھردؤر ۾ اھڙا شاعر، عالم ۽ اديب مليا آھن، جن ان جي آبياري ڪئي آھي. ھيءَ ٻولي ھڪ مڪمل علمي ادبي زبان آھي، جنھن کي پنهنجي لغت جو جھجھو ذخيرو آھي، منجھس لوڪ ادب جا انبار آھن. ھن ٻوليءَ جي لوڪ ادب مان ھتان جي جيوت جا نشان عيان آھن. اھڙي طرح اصطلاح، پھاڪا، چوڻيون، قصا، ڪھاڻيون، شعر وغيره بي حساب آھن. ھن ٻوليءَ کي ھڪ معياري رسم الخط آھي، ھيءَ ٻولي صدين کان ڳالھائي ۽ لکي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي بر صغير جي انھن ٿورين ٻولين مان ھڪ آھي، جنھن جو علم اللسان جي مطابق اڀياس ڪيو ڪيو ويو آھي. سنڌي زبان، ڪيترائي لفظ، پھاڪا ۽ محاورا ڌارين ٻولين مان اخذ ۽ جذ ب ڪيا آھن. ھن ٻوليءَ جي اڀياس ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي عالمن بھ ڀرپور حصو ورتو آھي. موسيقيءَ جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ کي 100 سر ۽ 33 راڳڻيون آھن.ڊراما، قصا، داستان، سنڌي ٻوليءَ جي قديم روايت ۾ شامل آھن. سنڌي ٻوليءَ ۾ بيشمار اخبارون ۽ رسالا شايع ٿين ٿا. سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ٽي وي چينل ھلي رھيا آھن. سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل سافٽ ويئر آھي. انٽر نيٽ ذريعي سنڌي ٻولي سڄي دنيا ۾ پڙھي ۽ سمجهي وڃي ٿي. هڪ سروي موجب ڏکڻ ايشيا ۾ 40 ملين ماڻھو سنڌي ڳالھائين ٿا، جن ۾ اڍائي ملين انڊيا جا شامل آھن. پاڪستان ۾ 14 سيڪڙو ماڻھو سنڌي ڳالھائين ٿا. ھندوستان ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو مليل آھي. ھندوستان ۾ سنڌي-عربي ۽ ديوناگري رسم الخط ۾ به لکي ۽ پڙھي وڃي ٿي. سنڌي اخبارون ۽ ڪتاب پڻ شايع ٿين ٿا. پاڪستان ۾سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي مادري زبان آھي صوبي جي ۽ سرڪاري ٻولي قرار ڏنل آھي. انڊيا، اومان، عرب امارات، فلپائين، سنگاپور، يونائيٽيڊ ڪنگڊم، آمريڪا وغيره ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا. آمريڪا ۽ يورپ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌي ماڻهن جون سڃاڻپ لاءِ تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ادارا قائم ڪيا ويا آهن.


سنڌي سان لاڳاپيل لفظ


.


سنڌي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • شراب داڳيو سنڌي
  • شراب سنڌي
  • ٻنڌي سنڌي

  • .


    سنڌي لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڏاڙهه

    ث. ڪتي جو چڪ ، ڀَونڪَ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal