SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سماع


:جامع سنڌي لغات ۾

سماع

سَماعُ جمع سَماعَ

ذ. [ع. سَمع = هُن ٻُڌو] ذڪر جي نموني وارو راڳ ، روحاني ڪيفيت وارو راڳ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سماع

(Spirtual Gathering)

لغوي لحاظ کان ”سماع“ عربي زبان جي لفظ سمع مان ورتل آهي، جنهن جو سليس مفهوم آهي ”ٻڌڻ“. اصطلاحي زبان ۾ راحت، سڪون ۽ آرام جا لفظ به سماع جي معنيٰ ۾ شامل آهن.سماع جو لفظ خاص طور صوفي درويشن جي مزارن سان منسوب آهي. صدين کان صوفي بزرگن تي جيڪي اجتماع ٿيندا آهن، اُتي صوفياڻه راڳ، محفل ۽ ذڪر ٿيندو آهي. ان کي سماع چئبو آهي. ان کان علاوه مذهبي گڏجاڻين ۾ الله هو -الله هو جي ورد کي به سماع چيو ويندو آهي.صوفين جي عقيدي موجب سماع، انسان جي من جي ميراڻ، مٽي، ڌوٻيءَ جي ڪپڙي جان صاف ۽ پاڪ ڪري ٿو. سماع ۾ بيت (ڏوهيڙا) پڙهيا ويندا آهن، جيڪي ”اوٺاڻي ۽ الاهڻي“ چئبا آهن. جن جو لازمي وراڻو : ” لا الله الا الله “ هوندو آهي. سنڌ ۾ درگاهن تي ’سماع‘ مچ تي به ٿيندو آهي.


.


سماع بابت وڌيڪ اصطلاح

  • علم آواز، علم سماع

  • Remember Me Also:

    جانبازي

    ث. دليري ، بهادري ، حوصلو ، همت ، جان جي بازي کيڏڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal