SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سلام


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


سلام

A सलामु s. m.

Salutation, peace, safety.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

سلام

سَلامُ جمع سَلامَ

ذ. [ع. سَلَمَ = سلامت رهڻ] سلام عليڪم جو اشارو ، تسليمات ، پَرنام ، نمسڪار ، تسليم ، آداب ، جهُارُ ، سُواگت. امن امانُ ، سُکُ ، سلامتي ، رِکيا ، رَکشا ، بچاءُ ، حفاظت. ڪَلياڻ ، جمعيت ، شانتي ، قرار. موڪلاڻي ، الوداع ، خدا حافظ ، رخصت ، آسرو الله جو ، الله

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سلام

(Salam)

سلام مرثيي جو هڪ قسم آهي ۽ ماتمي شاعري آهي. سلام کي غزل يا قصيدي جي گهاڙيٽي ۾ لکي سگهجي ٿو. ڪربلا جي شهيدن جي شاندار شهادت کي شاعر سلام پيش ڪندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي شاعريءَ جو بنياد ٽالپرن جي دؤر ۾ پيو. هتي سيد ثابت علي شاهه جي سلام جو مثال ڏجي ٿو: شاهه شهيدان حسين تو تي صلوات و سلام دين ۽ ايمان حسين تو تي صلوات و سلام


انگريزي-سنڌي ڊڪشنريءَ مان:


سلام

Salaam, salam


سلام سان لاڳاپيل لفظ


.


سلام بابت وڌيڪ اصطلاح

  • رات جو سلام
  • سلام ڪرڻ، تسليم ڪرڻ، تعظيم ڪرڻ، سلام
  • سَکڻا سلام
  • منجهند جو سلام

  • .


    سلام لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    جوا کيڏڻ

    جوا ڪرڻ ، جوا ڪُڏڻ. بازي لڳائڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal