SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سفير-عيوضي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سفير-عيوضي

Ambassador

ايمبيسيڊر

ڪنهن به رياست جي طرفان ٻئي مُلڪ ۾ پنهنجن مُفادن جي نگرانيءَ لاءِ سرڪاري طور مقرر ڪيل اهڙو نمائندو، جيڪو ڳالهه ٻولهه، رابطن، پيغامن ۽ مشورن ذريعي پنهنجي حُڪومت طرفان مليل هدايتن تي عمل ڪري ۽ مقرريءَ واري مُلڪ ۾ موجود صورتحال کان پنهنجي حڪومت کي باخبر رکي. جيتوڻيڪ سفارتڪاريءَ جي فن کي جديد يورپي رياستي سرشتي جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ زبردست پذيرائي ملي. پر اهڙيون سرگرميون قديم چين ۽ هندوستاني سلطنت ۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هندوستان جي مشهور مُفڪر ”ڪوشليا“ جو ڪتاب ”ارٿ شاستر“ سفارتڪاريءَ جي فن جي حوالي سان نهايت ڳڻپ جوڳو دستاويز آهي. جديد تاريخ ۾ ٻن رياستن طرفان هڪٻئي جي رياستن ۾ مستقل نمائيندا قائم ڪرڻ جو پهريون مثال، چوڏهين صديءَ ۾ اٽليءَ جي رياستن ميلان ۽ وينس وچ ۾ ملي ٿو، جتي مقرر ٿيل سفارتڪارن کي گهربل سهولتون ۽ تحفظات ڏنا ويا. ان هوندي به ”ڪانگريس آف ويانا“ (1815ع) کان پوءِ سفارتڪارن لاءِ اصول ۽ آداب دستاويزي صورت ۾ محفوظ ڪيا ويا، جيڪي اڄ به عمل ۾ آهن، تنهنڪري ويانا جي ڪانگريس دراصل ”سفارتي سرشتي“ جي پيڙهه جو پٿر سمجهي وڃي ٿي. بعد ۾ 1961ع ۾ ويانا ڪنوينشن ۾ موجوده سفارتي سرشتي جي تجديد ڪئي وئي


Remember Me Also:

مٺ وجهڻ

مُٺِ وِجهَڻُ

پوک ۾ ٻِجُ جي لَپ لَپ وجهڻ، ٻِج ڇَٽڻ، پوکڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal