SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سفرنامو


:جامع سنڌي لغات ۾

سفرنامو

سَفَرنامو جمع سَفَرناما

ذ. [ع. سَفر + ف. نامه = لکيت] سَفر جو روزنامچو ، سياحت نامه. سَفَر جو احوال.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سفرنامو

(Travelogue)

سفرنامو علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. ادب جي ھيءَ واحد صنف اھي، جنھن جو معاشري جي سڀني علمن سان تعلق اھي. اديبن، تاريخدانن، سياحن، جاگرافيدانن ۽ سوانح نگارن ھن صنف مان گھڻو فائدو ورتو اھي. ان ڪري دنيا جي ھر زبان ۾ سفرنامن کي اعليٰ مقام حاصل اھي. درحقيقت، سفرنامو سير ۽ سفر جي مشاھدن جي اھا روئداد اھي، جيڪا ليکڪ قلمبند ڪندو اھي. سفرنامي ذريعي ھڪ ليکڪ پنھنجي ذاتي تجربن، مطالعي، مشاھدن ۽ تصوراتي ڏات جي بنياد تي جيڪا تاريخي، جاگرافيائي، موسمياتي، اقتصادي، صنعتي، تجارتي، زراعتي، علمي، ادبي ۽ ٻين موضوعن متعلق معلومات گڏ ڪري پيش ڪري ٿو. ان جي افاديت ۽ مقبوليت وڌيڪ ٿئي ٿي. سنڌي سفرنامي جا اوائلي اھڃاڻ سڀ کان پھريان شاھھ عنايت رضوي (1644-1713ع)، شاھھ لطيف (1689-1752ع)، خليفو نبي بخش (1776-1863ع)، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1682-1752ع) ۽ سيد ثابت علي شاھه (1740-1800ع) جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا.نثري سفرنامي جي شروعات انگريزن جي دور ۾ ٿي. سنڌي زبان ۾ گهڻي ۾ گهڻا سفرناما الطاف شيخ لکيا آهن، جن جو تعداد 80 ڪتابن کان به مٿي ٿيندو. ان کان علاوه عبدالحئي پليجو ۽ محمد خان سيال جا نالا اهم آهن.


سفرنامو سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

حفيظ

ذ. صفت. [ع. حَفظَ = هن بچايو] سنڀاليندڙ ، نگهبان ، محافظ. خدا جو هڪ صفاتي نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal