SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سرمست


:جامع سنڌي لغات ۾

سرمست

سَرمَستُ جمع سَرمَستَ

ذ. [ف. سر + مست] متوالو. مدهوش ، مخمور ، نشي ۾ چور ، بدمست. اسم خاص. سنڌ جي هڪ صوفي شاعر ”سچل“ جو لقب.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سرمست

(Sar Mast)

”سرمست“ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، (سر=مٿو+مست=متوالو، مدهوش، ديوانو)؛ جيڪو عشق ۽ محبت ۾ ڀرپور ۽ ديوانو هجي، يعني اهڙو بزرگ، خدا تعاليٰ جي بندگي ڪندي، جوش ۽ مستيءَ ۾ اچي جهومڻ لڳندو آهي. سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر، ”سچل“ کي ”سرمست“ سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته، هو جڏهن به پنهنجي پالڻهار جي بندگيءَ ۽ ساراهه ۾ مشغول ٿي ويندو هو، تڏهن مٿس الاهي محبت جو اهڙو ته رنگ چڙهي ويندو هو، جو هو بيخود ٿي ويندو هو ۽ اُن وقت دنيا جون شيون ته ڇڏيو، پر پنهنجي جان جي به کيس خبر ڪا نه پوندي هئس. ”سچل“ جو اصل نالو عبدالوهاب هو، مگر سندس مائٽ پيار وچان کيس ’سچو‘ ۽ ’سچيڏنو‘ ڪري ڪوٺيندا هئا، جيڪو پوءِ ”سچل سرمست“ جي نالي سان مشهور ٿيو.


.


سرمست بابت وڌيڪ اصطلاح

  • گهڙو سرمست

  • Remember Me Also:

    حجاب ٽٽڻ

    شرم لهڻ ، لَڄ نه ٿيڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal