SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سانگ


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


سانگ

सांग s. f.

Care, concern, thought, apprehension. One fork of a forked stick.


सांगि s. f.

A spear, or javelin.


S सांगु s. m.

Disguise, imitation, personation, sham, pretence. Business, concern, opportunity.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

سانگ

سانگَ

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو.

سانگَ جمع سانگُون

ث. [سن. مشنڪا = ڊپ] ڳڻتي ، تات ، فڪر ، سوچ ، ويچار ، خيالُ ، هؤر ، خوض ، ڌيان ، اٺسٺو ، اڻ تڻ ، هَمَ تَمَ ، ڪَٿَ. انديشو ، ڀؤ ، ڊپُ. قياس ، سمجهه ، پروڙ ، پُرجهه ، فهم. خبرداري ، پرگهور. پرواه. ٽولي ، جماعت ، سَنڀِيرَ.

سانگ

ڪنهن وڏي ڍوري مان پاڻيءَ جي گهڻائي ۽ اٿل سببان وهي نڪتل واهڙ ، ننڍو ڦاٽ.

سانگُ جمع سانگَ

ذ. [سن. شنڪُ = ڀالو] هٿيار جو هڪ قسم ، آڳاٽي وقت ۾ جنگ جو اوزار، رسي يا مَهار سان، چوٽيءَ ۾ ڏڦو واهڙ ، واهه ، ڍورو. ”سيئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سرتيون“ شاهه. پرڏيهه ، پرديس. لڏپلاڻ ، لاڏاڻو ، جُوءِ ڇڏڻ جي حالت. گذر ، صرفو. مسافري ، سفر. جدائي. اتفاق ،

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سانگ

(Mime)

سانگ جي معنيٰ اھي ” نقل ڪرڻ“. ارسطوءَ مطابق ڊرامو اصل جي تقليد اھي. رواجي طرح سانگ بابت ماڻھو ڄاڻي ٿو. ھي اھڙو تھ مقبول ۽ مانوس طريقو اھي، جو جڏھن انسان سمجھه لائق ٿئي ٿو، تڏھن کان سانگ شروع ڪري ٿو. دراصل انسان جي سڄي سکيا ’سانگ‘ سان شروع ٿئي ٿي. ’سانگ‘ھوليءَ جي تقريب جو هڪ اھم حصو ھوندو اھي. پر خوشيءَ جي موقعن جھڙوڪ شادين وغيره جي تقريبن ۾ ’سانگ‘ کي اوليت ڏني ويندي آهي. هن رواج ايتري قدر تھ مقبوليت ورتي، جو انھيءَ رواج کي مسلمانن بھ اختيار ڪيو. ’سانگ‘ جي ’ڊرامي‘ واري حيثيت لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ”مناظرا“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو تھ ’سانگ‘ سنڌ جو ڊرامو اھي، جنھن جي شروعات اکاٽي وقت کان ٿي. مڱڻھار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرکتي ۽ ھنرمند گروھھ شادين ۽ محفلن جي موقعن تي سانگ وجھندا ھئا، جنھن ۾ مختلک ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا ھئا. ھنرمند عورتون وري عورتن جي مجلس ۾ سانگ وجھنديون ھيون. اڃا تائين اھي سانگ رچايا وڃن ٿا.“


سانگ سان لاڳاپيل لفظ


.


سانگ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • بي سانگ
  • سٽاڻو سانگ
  • سٽاڻي سانگ
  • نقل، اَهل، سانگ
  • ٽه سانگ

  • .


    سانگ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    جهٽيون

    ذ. ڪپڙي جو هڪ قسم.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal