SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سامراجيت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سامراجيت

(Imperialism)

سامراجيت هڪ سياسي اصطلاح آهي، جنهن کي ڪميونسٽ اڳواڻ لينن ۽ ڪارل مارڪس اڳتي وڌايو. لينن سامراجيت بابت چيو هو هو ته سامراجيت تسلط چاهي ٿي آزادي نه. سامراجيت يا شهنشاهت دراصل طاقتور ملڪن طرفان يا طاقتور قوتن طرفان محڪوم ملڪن ۽ قومن جي اقتدار تي پنهنجي ڏاڍ يا پاليسين ذريعي عملداري ڪرڻ يا اثر وڌائڻ آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي تجارتي ۽ سياسي پاليسين جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. ترقي پسند ادب جو هڪ اهم موضوع سامراجيت به رهيو آهي.


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سامراجيت

Imperialism

امپيريلزم

لاطيني لفظ امپيريم (Imperium) مان نڪتل اصطلاح ، جيڪو بالادست ۽ زيردست رياستن/ ملڪن وچ ۾ خاص تعلق جو اظهار ڪري ٿو. عام طور ڪنهن به سامراجي نيتيءَ جو بُنيادي مقصد، پنهنجي اصلي حدن کان ٻاهر نڪري، ڪنهن به سگهاري ملڪ جي طرفان ٻئي هيڻي مُلڪ مٿان قبضي ذريعي استعمال ٿيندڙ طاقت جو ڏيکاءُ ڪرڻ آهي. دُنيا ۾ هڪ - هٽي قائم ڪرڻ جي ان دعويٰ جو تعلق بيٺڪيت (Colonialism) سان ملندڙ هوندي به ان کان مختلف آهي. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ سرحدي ڦهلاءَ (Territorial Expansion) جو حربو سامراجي نيتيءَ جو هڪ ذريعو هو، پر هينئر سامراجي ملڪ سياسي ۽ اقتصادي نيتين ذريعي پنهنجا مقصد ماڻي ٿو. ٻين مُلڪن جي والار ڪندي، سامراجيت جو بُنيادي مقصد اقتصادي سگهه حاصل ڪرڻ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان بالادست رياست ٻين علائقن تي قبضو ڪري، اُتان جي وسيلن جي ڦُرلٽ ڪندي آهي ۽ قبضي هيٺ آيل علائقن کي پنهنجي ٺاهيل مال جي کپت جي منڊي بڻائيندي آهي. ان کان علاوه قومپرستي، نسلي متڀيد ۽ بين الاقوامي سطح تي سگهه حاصل ڪرڻ جهڙا عنصر پڻ سامراجيت جا مُحرڪ هوندا آهن. جڳ مشهور مُدبر ’هئنس مارگنٿا‘ سامراجيت جا ٽي قسم بيان ڪيا آهن.
1. مارڪسي وضاحت: جنهن مطابق، هر قسم جي سياسي صورتحال معاشي طور سگهاريون قوتون طئه ڪن ٿيون.
2. لبرل نظريو: هن نظريي مطابق، عالمي سرمايه داريءَ ۾ وکرن جي واڌ پيداوار ۽ سرمايي جي واڌ جي ڪري پيدا ٿيل عدم توازن ذريعي برتري قائم ڪرڻ.
3. سرمايه داريءَ جو شيطاني روپ: جنهن مطابق مالي ادارا ۽ وڏا صنعتي ادارا دُنيا ۾ جنگ چاهين ٿا، اهي ته جيئن سندن بارودي سامان وڪرو ٿي سگهي. ’سامراجيت‘ هزارين سالن جي سفر ۾ اهي مُختلف روپ طئه ڪندي اڄوڪي دور ۾ ڪنهن به سگهاري قوم جي پرڏيهي پاليسيءَ جو اهو اظهار آهي، جنهن ذريعي ڪا به سگهاري قوم پنهنجي قومي طاقت کي دُنيا جي ٻين قومن مٿان مسلط ڪندي، پنهنجي قومي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ”سامراجيت“ جي نئين ۽ پرڪشش اظهار طور، اڄڪلهه گهڻ-قومي ڪارپوريشنون (MNCs) اهو ساڳيو ڪم سرانجام ڏيئي رهيون آهن، جيڪي اڳ سامراجي حُڪومتون ڪنديون هُيون


.


سامراجيت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • شهنشاهيت- سامراجيت
  • ڊالر سامراجيت

  • Remember Me Also:

    قرضدار

    ذ. قرض کڻندڙ ، تليدو ، کڻتي ، اُڌارو وٺندڙ ، مقروض ، قرضي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal