SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


زمان


:جامع سنڌي لغات ۾

زمان

زمَانُ جمع زمانَ

ذ. ع وقت ، عرصو ، ساعت ، عهد. فرصت ، ڪال. گرامر ۽ وقت لاءِ ٺهرايل لفظ.

زمَانُ جمع زمانَ

ذ. ع واڳ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

زمان

(Tense)

”زمان“ (Tense) ، عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”وقت“، ”زمانو“ يا ”ساعت“. گرامر جي علم موجب فعل جي زمان مان ڪم ڪندڙ جي وقت يا حالت بابت اها ڄاڻ ملي ٿي ته ڪم ٿي ويو آهي، ٿئي ٿو يا ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ به درست ٿيندو ، ته زمان وسيلي فعل جا مختلف زمان ، جدا جدا وقت جي معنيٰ ڏيکارين ٿا. زمان جا مکيه ٽي قسم آهن ’زمان ماضي‘ (گذريل وقت)، ’زمان حال‘ (هلندڙ وقت ) ۽ ’زمان مستقبل‘ (ايندڙ وقت).


زمان سان لاڳاپيل لفظ


.


زمان بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آخر زمان
  • اهل زمان
  • زمين و زمان
  • ظرف زمان
  • هر زمان

  • .


    زمان لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڦڪا هڻڻ

    ڦَڪَ هڻڻ ، لَپُون ڀري وات ۾ وجهڻ. جلدي جلدي کائڻ ، گهڻو کائڻ لپوڙا هڻڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal