SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رياست


:جامع سنڌي لغات ۾

رياست

رِياسَتَ جمع رِياستون

ث. ڏيهي راڄُ ، ڏيهي سرڪار ، ڪنهن وڏي حڪومت جي ماتحت ننڍي حڪومت. حڪومت ، حڪمراني. عملداري ، سرداري ، آفيسري ، اِمارت. اعليٰ حوصلو ، اعليٰ همت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رياست

State

اسٽيٽ

ڪنهن به حڪومت ، وفاق يا قوم جي هٿ هيٺ قائم ٿيل هڪ سياسي ايڪو ، جيڪو مرڪزي اختيار ۽ جائز طاقت جي ذريعي مخصوص علائقي جو ڪاروهنوار هلائي سگهي . رياست جي بنيادي جزن ۾ بين الاقوامي طور تسليم ٿيل حد بندين تي ٻڌل علائقو ، علائقي مٿان مڪمل اختيار ، موچاري انگ ۾ آبادي ، معاشي سرگرمي ۽ واپار ، صحت ۽ تعليم سميت مختلف سماجي سرشتا هلائيندڙ انتظامي ڍانچو شامل آهن . رياست جي مک ادارن ۾ انتظامي ڪامورا ، عدالتون ، قانون جوڙيندڙ ۽ لاڳو ڪرائيندڙ ادارا ، سياسي/ مذهبي جماعتون ۽ ٻيا شعبا موجود هوندا آهن . رياست جي اداري جي شروعات قديم زماني کان ٿيل آهي ، پر عام طرح يونان جي ’شهري رياستن‘ (700-338ق-م) کي ابتدائي ۽ منظم رياستي ڍانچي طور تسليم ڪيو وڃي ٿو . ان سرشتي کي بعد ۾ رومي ، ايراني ، هندوستاني ، اسلامي ۽ يورپي معاشرن نوان لاڙا ڏنا


رياست سان لاڳاپيل لفظ


.


رياست بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آزاد- خود مختيار رياست
  • اسلامي رياست
  • الحاق شده رياست
  • بادشاهت، رياست
  • بفر اسٽيٽ- حائل رياست
  • تجارتي رياست
  • جائداد، رتبو، جاگير، ملڪيت، حالت، رياست
  • حڪمي فرمان تي مشتمل-اختيار مليل فرد يا رياست
  • خودمختيار رياست
  • خيالي ملڪ يا رياست
  • دخلڪار رياست
  • زرعي رياست
  • شامل رياست- انتظامي رياست
  • فلاحي رياست
  • قرضي ملڪ-مقروض رياست
  • قومي رياست
  • لاديني رياست
  • لُچي- اڇوت يا آواره رياست
  • مطلق العنان- خود مختيار رياست- ڪُل اختياري رياست
  • مهاڏو رياست
  • مهاڙ يا اَڏَ واري رياست
  • مهذب رياست
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    رياست لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    دٻي

    اسم خاص. جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو. تعلقي سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، دادو ۽ ٺُل ۾ ديهن جو نالو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal