SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


روحانيت


:جامع سنڌي لغات ۾

روحانيت

رُوحَانِيَتَ

ث. رُوحِي قُوتَ ، رُوحاني قُوت ، دِل جي صفائي ، دِل جي سَچائي ، منَ جي پاڪائِي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

روحانيت

(Spiritualism)

روحانيت هڪ عقيدو آهي ته مري ويل ماڻهن جا روح زنده آهن ۽ اهي روحاني دنيا (جنت) ۾ رهن ٿا ۽ اهي زنده ماڻهن کي ڏسن ٿا ۽ رابطو به ڪري سگهن ٿا. اڻويهين صديءَ ۾ ايلن ڪارڊڪ (1804-1869ع) ۽ ٻين يورپ ۽ آمريڪا ۾ هن عقيدي کي گهڻو ڦهلايو ويو. هن نظرئي مطابق انسان ان حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اندروني يا باطني راهه ذريعي پنهنجي وجود جي جوهر کي ڄاڻي سگهي ٿو. اهڙي باطني قوت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس مراقبو (Meditation)، عبادت ۽ غور ۽ فڪر (Contemplation) ڪرڻا پوندا آهن، جنهن کان پوءِ هو پاڻ سڃاڻڻ ذريعي ٻين انسانن يعني انسانيت، فطرت ۽ ڪائنات سا الاهي دنيا (Divine Realm) سان جڙندو آهي. صوفي مت سان روحانيت جو ويجهو تعلق آهي، ڇو جو روحانيت اهڙو عمل آهي، جيڪو مادي دنيا جي خواهشن کان پاڪ هجي ٿو، جنهن ۾ روحاني تقاضائون پوريون ٿين ٿيون.


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


روحانيت

Spiritualism


روحانيت سان لاڳاپيل لفظ


.


روحانيت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اندروني حالت، روحانيت

  • .


    روحانيت لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ٻرڻ

    مصدر. [سن. وِر = وڄڻ] وڄڻ ، جهانءِ ڪرڻ ڪنهن به واڄي جو ”چوڌاري چڙا، ٻُرن ٻيلاين جا“ شاهه. ٻُڌڻ ۾ اچڻ ، ٻُجهڻ ”ٻُري نه ٻڪر دانهن، ڀُوڻ ڀُڻڪو نه سُڻيان“ شاهه. ڏاڍيان لاڳيتو ڳالهائڻ ل. گهوڙي جو هڻڪارڻ ل. گُڙڻ. منهن سامهون ڳالهائڻ ڪ. ويچارا ڏيڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal