SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


دهريت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

دهريت

(Atheism)

لفظ ”دهر“ جي معنيٰ آهي ”زمانو“ – ”دنيا“. دهريت جو نقطه نظر آهي تھ اهي ماديت پرست هوندا آهن ۽ ڪنهن خيالي خدا جي وجود ۽ تصور جو انڪار ڪندا آهن. ان جو اطلاق انهن سڀني فلسفين ۽ مفڪرن تي ٿئي ٿو جيڪي ڪائنات جي تجرباتي شعور بابت ۽ استدلال بنياد رکندا آهن ۽ ڪنهن لامحدود ، لامڪان ذات تي يقين نه رکندا آهن . نئين دور جا مارڪسي، منطقي اثباتيت، پراگمتيت ۽ منطقي جوهريت جاعلمبردار ۽ خاص ڪري دهري فلاسفر سڏرائيندا آهن.هن نظريي کي گهڻي تقويت ڪميونزم جي دور ۾ حاصل ٿي.اهي ماڻهو نه خدا جي هستيءَ کي مڃن ٿا ۽ نه هن جي صفاتن جا قائل آهن . اهي ماڻهو عام طور تي مادي کي غير فاني ۽ مستقل تسليم ڪندا آهن . هنن جو خيال آهي ته زمانو ازلي ۽ ابدي آهي ۽ هن زندگيءَ کان پوءِ ڪا به زندگي ناهي. هنن جو خيال آهي ته قدرت جي قانون جو عمل دنيا جي هر ڪم جو ذميوار آهي هن ئي سان دنيا وجود ۾ آئي آهي ۽ هن ئي مطابق هن ۾ تغير ۽ تبديلي ٿيندي رهندي آهي ، اهي هر ڳالهھ مان علت ۽ سبب ڳوليندا آهن ، پر ان جي هوندي به هڪ مٿائين ذات جا به قائل آهن جن کي اهي قدرت يا فطرت جي نالي سان بيان ڪندا آهن.


Remember Me Also:

ڊاڪ خانو

ذ. ٽپال آفيس ، پوسٽ آفيس.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal