SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


داستان/قصا


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

داستان/قصا

(Tales)

سنڌي ناول/ڪھاڻيءَ جو سفر آکاڻي، داستان ۽ قصي کان شروع ٿيو آھي. داستان/قصن جو پلاٽ ناول وانگر منظم ھئڻ بدران پيچيده ۽ منجھيل ھوندو اھي. ليڪن ان پيچيدگيءَ ۾ بھ دلڪشي ھوندي اھي. ٻئي طرف داستان/قصي ۾ ماحول اجنبي ۽ اوپرو ھوندو اھي. خيالي واقعن کان علاوه ھن ۾ عجيب دنيا جھڙوڪ، پريون، ڪوھھ قاف واري دنيا ھوندي آھي.قصن جا ڪردار عشقيه، سٺائي ۽ بدڪاري تي مشتمل ھوندا اھن. قصن ۾ ڪردار نگاري ھميشھ مافوق الفطرت ھوندي اھي. جڏھن تھ ناول ۾ ڪرداري نگاري ھميشھ اصل ۽ عام زندگيءَ مان ھوندي اھي. قصن ۾ عام طور تي ديو، بادشاھھ، شھزادا وغيره ٿين ٿا، جڏھن تھ ناول ۾ ھر انسان پوءِ ڀلي ڪھڙي بھ طبقي سان تعلق رکي، اھو ڪردار ھوندو اھي. قصن ۾ نمودار ٿيندڙ واقعا ھميشھ غير فطري ھوندا اھن. قصا قديم دور کان ھر ٻوليءَ ۾ رائج ھوندا اھن. سندن مقصد اخلاقيات جي تبليغ ۽ بھادرن جا ڪارناما ۽ عشقيھ داستان ھوندا آھن. قصو نثر ۾ بھ لکي سگھجي ٿو تھ نظم ۾ بھ. سنڌي ٻوليءَ ۾ ”گل خندان“، ”الف ليليٰ“، ”داستان امير حمزه“، ”چار درويش“، ”طوطي نامو“، ”سيف الملوڪ“، ”حاتم طائي“، ”گل بڪا ولي“ ۽ ٻيا ڪيترائي عشقيھ ۽ رزميھ قصا مقبول اھن. ان کانسواءِ ”سسئي پنهون“، ”سهڻي ميهار“ ۽ ”ليلا چنيسر“ جا به قصا مشهور رهيا آهن. جن مان شاهه لطيف به استفادو ڪيو.


Remember Me Also:

ڀڻ جهڻ

ث. [آواز] ڀُڻڪاٽ ، ڀُڻڪو. ٿورو ڳالهاءُ ، جهيڻي گفتگو ”ڪا جا ڪُنَ ڪَرين، ڀنيءَ ڀُڻ جهُڻ پاڻ ۾“ شاهه. مکين جي اُڏامڻ جو آواز.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal