SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جمالو


:جامع سنڌي لغات ۾

جمالو

جَمالو جمع جَمالا

ذ. لوڪ گيت ، شادي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي ناچ جو گيت ”هو جمالو“. سنڌ جو هڪ لوڪ ناچ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

جمالو

(Jamalo)

جمالو سنڌ جو مشھور ۽ محبوب لوڪ گيت اھي. جنھن جي ڳائڻ وقت ناچ ٿيندو اھي، جنھن کي ”جمالو ناچ“ چوندا اھن. جمالو گيت تي اھو نالو ڪيئن پيو؟ ان بابت اديبن مختلف رايا ڏنا ويا اھن. جن جو تت اھو اھي تھ جمالو، ڪو شخص ھو، جيڪو ڪنھن سبب گھر کان ٻاھر ويل ھو ۽ جڏھن واپس ايو تھ سندس اچڻ جي خوشيءَ ۾ گيت ڳايا ويا. جمالو گيتن مان معلوم ٿئي ٿو تھ ھو پھلوان ۽ قداور ھو، جيئن: ”جنھن جا پير پنج سير ”ھو جمالو“. ’جمالي‘ ۾ ڪيترن شاعرن وقت به وقت نيون ڳالهيون به شامل پئي ڪيون آهن، جھڙوڪ ’جيڪو سکر واريءَ پل تي، ھو جمالو‘ وغيره وغيره. ھڪ روايت مطابق ’جمالي‘ جو واقعو ميرن جي دور جو اھي. هيٺ ’جمالي‘ گيت جون ڪجھھ مصرعون ڏجن ٿيون: منھنجو جمالو جتــــن سـان، ھو جمالو! جنھن جا پــــــير پنج ســــير الا، ھو جمالو! جنھن کي سوني منڊي چيچ ۾، ھو جمالو! جيڪو لڙي آيو لاڙ مان، ھو جمالو! جنھن جون اکيون رب رکيون، ھو جمالو! جنھن جا وار گھــــنڊيدار الا، ھو جمالو! جنھن جا ھٿ ميندي رتــڙا، ھو جمالو!


جمالو سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

ساڃاڻ

ث. سانجڻ ، رڌ پچاءُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal