SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جدليات


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

جدليات

(Dialectical)

جدليات جو متبادل لفظ يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنٰي آهي بحث مباحثو ڪرڻ. پراڻي زماني ۾ ’جدليات‘ ان فن جو نالو هو، جنهن جي ذريعي مد مقابل جي دليلن جو تضاد ظاهر ڪري ۽ ان کي ختم ڪري حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. ڪن فلاسافرن جو خيال هو ته حقيقت کي ڳولڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته خيالن جي تضاد کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ متضاد راين کي هڪ ٻئي سان ٽڪرايو وڃي. اهو جدلي طريقو جيڪو خيالن کي پرکڻ لاءِ استعال ٿيندو هو، جڏهن فطرت جي مظاهر کي سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته فطرت ۽ ان جي مظاهر ۾ هميشه کان ٻن قوتن ۾ باهمي جدوجهد ٿيندي رهي ٿي، اهي ٻه قوتون: ٿيسز (Thesis) ۽ ان جي مخالف ’ائنٽي ٿيسز‘ (Anti-thesis) جي نالي سان سڏجن ٿيون . انهن ٻنهي قوتن جي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٽين طاقت ظاهر ٿئي ٿي، جنهن کي ’سن ٿيسز‘ (Syn thesis) چئجي ٿو. جا ڪجهه عرصي بعد ٿيسز (Thesis) بڻجي، پنهنجي مخالف قوت ( Anti thesis) پيدا ڪريو وٺي ۽ اهڙيءَ طرح هي ٻه قوتون مسلسل عمل ڪنديون رهن ٿيون . انهن جي عمل ڪري هن ڪائنات ۾ ۽ انساني شعور ۾ تغير ، تبديلي ۽ ترقي ٿيندي رهي ٿي.


Remember Me Also:

ڏنجڻ

مصدر. بيواه ٿيڻ ، وڌوا ٿيڻ ، رنَ زال ٿيڻ ، رنڙِي ٿيڻ ، ڏُهاڳُ اچڻ. ڇَڙو ٿيڻ ، وانڍو ٿيڻ ، رَنَڙُ ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal