SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تنقيد


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تنقيد

(Literary Criticism)

تنقيد لفظ جو بنياد نقد آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ملهه‘. ادب جي ملهه ڪٿڻ لاءِ ڪيل پرک کي ادبي تنقيد چئبو آهي. ادبي تنقيد جي شروعات يونان کان ٿي، جنهن موجب تنقيد جو مطلب اھي فيصلو يا ”کتويٰ”(Judgment) ڏيڻ هو. تنقيد جي لغوي معنيٰ آهي پرکڻ يعني خامين ۽ خوبين جو بيان ڪرڻ. تنقيد انهيءَ عبارت کي ٿو ڪوٺجي، جنهن مان ڪنهن به ادبي تخليق جي خوبين ۽ خامين کي ڄاتو- سمجهيو وڃي: يا ائين ادبي تنقيد، ڪنهن ادبي ڪاوش کي پڙهڻ کانپوءِ، ان تي سوچي، ويچاري، ان جي ادبي ڪٿ ڪرڻ آهي. تنقيد ۾ باريڪ بيني ۽ دليل وڏي اهميت رکن ٿا. ادبي تنقيد، ادب ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، سڀ کان پھرين تنقيد وسيلي معياري ادب ۽ غير معياري ادب جي کرق جي خبر پوي ٿي. ادبي تنقيد رستي زبان ۽ ادب جي زوال ۽ قدرن جا سبب معلوم ٿي سگھن ٿا. تنقيد سان ادبي تحريڪون شروع ٿين ٿيون. تنقيد رستي خبر پوي ٿي تھ مختلف دؤرن ۾ ادب ۾ ڪھڙا رجحان ھئا. ادبي تنقيد جي وسيلي ئي سٺا اديب پيدا ڪري سگھجن ٿا.


تنقيد سان لاڳاپيل لفظ


.


تنقيد بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آدرشي تنقيد
  • آرڪٽائيل تنقيد
  • اجتماعي تنقيد
  • اخلاقي تنقيد
  • ادبي تنقيد
  • استعاراتي تنقيد
  • اعتراض- تنقيد
  • تاثراتي تنقيد
  • تاريخي تنقيد
  • تجزياتي تنقيد
  • تخريبي تنقيد
  • ترڪيبي تنقيد
  • تصوراتي تنقيد
  • تعميري تنقيد- اصلاحي تنقيد
  • تقابلي تنقيد
  • ثقافتي تنقيد
  • جائز تنقيد
  • جمالياتي تنقيد
  • ذاتياتي تنقيد
  • راءِ- تنقيد
  • رومانوي تنقيد
  • سائنسي تنقيد
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    تنقيد لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڪرسڻ

    ذ.گلن جي ڪونڊي ، ننڍو باغ ، باغيچو ، چمن ، ڦلواڙي ت.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal