SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تمدن


:جامع سنڌي لغات ۾

تمدن

تَمَدُن

ذ. [مَدَن = شهر ۾ رهڻ] ملي رهڻ جو طريقو ، طرز معاشرت ، شهري سڌريل زندگيءَ جو طرز عمل ، معاشرتي ۽ انتظامي زندگي. شهر جو انتظام.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تمدن

(Civilization)

تمدن عربي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ ”شهريت“ آھي. هي لفظ ’مدن‘ يعني شهر مان ورتل آهي.”شھريت يا شھري زندگي.” انسان سمجھه ۽ شعور وارو جانور اھي. مختصر طور تمدن جي تعريف اها ٿيندي ته ھر قوم کي پنھنجيون مخصوص، تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ مذھبي روايتون ٿينديون اھن. سندن ضرورتون ۽ روحاني تمنائون هونديون اھن، جنهن ڪري ڪا قوم انفرادي ۽ اجتماعي طور ترقي ڪندي آهي. هر قوم جون مختلف سياسي، مذھبي ۽ معاشرتي جماعتون ۽ ادارا، فن، نقش نگاري، شعر،راڳ ۽ ناچ جا طور طريقا مختلف رواج رسمون هوندا آهن. تمدن انساني فطرت جي ٽن مکيھ جبلتن سان تعلق رکي ٿو، جيڪي آهن: (i) پنھنجو بچاءُ ڪرڻ، (ii) ھم جنس سان تعلق ۾ رھڻ ۽ (iii) اولاد جي پيدائش، پالنا ۽ پرورش ڪري، انساني نسل کي بقا ڏيڻ.


.


تمدن بابت وڌيڪ اصطلاح

  • تهذيب- تمدن
  • علم تمدن
  • علم معاشرت، علم تمدن

  • .


    تمدن لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ٻوري

    اسم خاص. تعلقي ڪڪڙ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal