SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تقليد


:جامع سنڌي لغات ۾

تقليد

تَقلِيدَ جمع تَقلِيدُون

ث. [ع. تَقلِيد] ڪنهن جي نقش قدم تي هلڻ جي حالت ، پيروي. اسلامي فقه ۾، ڪنهن به هڪ فقه جي امام جي قائم ڪيل نظرين ۽ اصولن جي پيروي. بنا سوچ ويچار جي ڪنهن ٻئي جي نظرين جي پيروي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تقليد

(Emulation)

ادبي اصطلاح ۾ انفراديت يا امتياز قائم رکڻ کان سواءِ ڪنهن وڏي اديب، فنڪار جي پوئواريءَ کي تقليد چيو ويندو آهي. سنڌي ۾ صوفي شاعريءَ ۾ تمثيلن ۽ علامتن جي تقليد قاضي قادن (1463-1551ع) کان ڪئي وئي. عشقيه، رومانوي ۽ نيم تاريخي داستانن جي سورمين کي علامتي اظهار طور ڪتب آڻڻ جي شروعات شاهه لطيف کان اڳ مختصر طور نظر اچي ٿي، پر شاهه لطيف ان کي ڪمال تي پهچايو. جديد دور جي شاعرن گهڻي ڀاڱي شيخ اياز جي تقليد ڪئي، افساني ۾ ڪيترن ليکڪن جمال ابڙي، امرجليل وغيره جي تقليد ڪئي آهي.


تقليد سان لاڳاپيل لفظ


.


تقليد بابت وڌيڪ اصطلاح

  • انڌي تقليد
  • انڌي پوئلڳي- انڌي تقليد
  • رواج - تقليد
  • نقل، تقليد

  • .


    تقليد لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    بي ننڊو

    ذ. صفت. جنهن کي ننڊ نه هجي. بي آرام ، بيچين. بيدار ، سجاڳ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal