SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تقطيع


:جامع سنڌي لغات ۾

تقطيع

تَقطِيع

ث. [ع. قَطَعَ < تَقطِيع = ننڍا ننڍا ٽُڪر ڪرڻ] وڍڻ ٽُڪَرَ ڪرڻ جي حالت. ڀَڃ ، ٽوڙَ. وڍَ ٽُڪَ. ڊيگهه ۽ ويڪر ڪاغذ جي. علم عروض جي اصطلاح موجب ، شعر جي مصرع کي بحر جي رڪنن موجب وڍڻ ورڇڻ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تقطيع

(Taqtee’a)

”تقطيع“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو بنياد يا اشتقاق آهي، قَطعَ=وڍڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ. ”تقطيع“ جي لفظي معنيٰ ٿيندي ”وڍيل“ يا ”ٽڪرا ٽڪرا ڪيل“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن شعر جي مصرعن ۾ ڪم آندل لفظن کي، مقرر بحر وزن جي ارڪانن ۾ توري، کين جدا جدا ڪري بيهارڻ کي ”تقطيع“ چئبو آهي. شعر جي بحر جا اهي ارڪان، خود لفظن آهن ۽ ڪن آوازن (اُچارن) جا ٺهيل آهن.


.


تقطيع لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

ٻاهريون

ذ. صفت. ٻاهرئين پاسي وارو. اجنبي ، ڌاريون. اوپرو ، غير. ٻئي ملڪ جو ، پرديسي. ظرف ظاهر ، پڌرو ، عيان. ث ٻاهِرين جمع ٻاهريُون.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal