SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تفسير


:جامع سنڌي لغات ۾

تفسير

تَفسِيرُ جمع تَفسِيرَ

ذ. [ع. فَسَرَ < تَفسِير] اهو بيان جو پوري سمجهاڻيءَ سان هجي. تشريح. قرآن شريف جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تفسير

(Interpretation)

اهو بيان جو پوري سمجهاڻيءَ سان هجي. تشريح. قرآن شريف جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي. هيءُ لفظ علم ۽ فلسفي جي ڪتابن جي شرح لاءِ ڪتب ۾ آندو ويندو آهي. اسلامي اصطلاح ۾ هن لفظ جي مراد ئي ”علم تفسير“ آهي، يعني علم جي اها شاخ، جنهن کي ”علم القرآن“ ۽ تفسير چوندا آهن. هي ”علم حديث“ جي هڪ خاص ۽ اهم شاخ آهي.عظيم مورخ طبري (1310هه/1892ع) جي فن تفسير بابت هڪ تصنيف موجود آهي، جنهن ۾ حديثن جو وڏو تعداد شامل آهي. اهڙي طرح زمخشري (متوفي 550 هه/1155ع) معلم الاخلاق ۽ فقهه ۽ لغت جو ڪامل ماهر ٿي گذريو آهي. ”تفسير الڪشاف“ کي به اسلامي دنيا ۾قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. البيضاويءَ (م685هه/1286ع) جو تفسير سڀ کان گهڻو مقبول رهيو آهي. هن فن جو اهو ئي ڪتاب آهي جيڪو اڪثر مدرسن ۾ پڙهايو ويندو آهي. ٻين تفسيرن مان فخر الدين رازيءَ جو تفسير (606هه/1209ع) به اهم آهي، جنهن کي ”تفسير الڪبير“ چوندا آهن. مسلمانن پهرينءَ صدي هجريءَ ۾، سنڌ، ملتان ۾ پهچي اسلامي عقيدن جي تبليغ لاءِ مقامي ٻوليون استعمال ڪيون ۽ هر علائقي ۾ اتان جي مقامي ٻوليءَ ۾ اسلامي عقيدن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.


.


تفسير بابت وڌيڪ اصطلاح

  • شرح، تفسير

  • .


    تفسير لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڪکن تي پير رکي وڃڻ

    ڪوڙ ڪري پنهنجي جند ڇڏائڻ ، ٽال مٽول ڪري وڃڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal