SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تشبيهه


:جامع سنڌي لغات ۾

تشبيهه

تَشبِيههَ جمع تَشبِيهُون

ث. [ع. شَبَه، شَبَهَ = ڀيٽ ڪرڻ] ’علم بديع ۽ معاني‘ جو لفظ. ڪنهن شيءِ جي ٻيءَ سان ڀيٽ. مشابهت. مناسبت. هڪجهڙائي. برابري.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تشبيهه

(Simile)

”تشبيهه“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”مشابهت، ڀيٽ، تمثيل.“ علم بيان جي اصطلاح موجب، شعر يا نثري عبارت ۾ ”ڪنهن هڪ شيءَ کي ٻيءَ شيءَ جي برابري ڪرڻ؛ يعني ٻن مختلف لفظن يا شين جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪري، منجهن ڪنهن خاص ڳالهه يا گڻ جي هڪ جهڙائي ڏيکارڻ کي ”تشبيهه“ چئبو آهي. انهن شين جي ڀيٽ ڪرڻ لاءِ، ”وانگر، وانگيان، وانگي، مثل، جهڙو، جيان، جان، طرح،ڄڻ، وغيره“ مان ڪو به هڪ لفظ استعمال ٿيل هوندو آهي.ڪجهه مثال ڏجن ٿا:- (i) ظهير چوڏهينءَ جي چنڊ جهڙو سهڻو آهي. (ii) خليل جا اکر موتين جهڙا آهن.


پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


تشبيهه

Simile


تشبيهه سان لاڳاپيل لفظ


.


تشبيهه بابت وڌيڪ اصطلاح

  • حرف تشبيهه
  • صحيح شڪل- تشبيهه
  • مشابهت، تشبيهه

  • Remember Me Also:

    لوفر

    لوفَرُ جمع لوفَرَ

    ذ . لُچ، بدخصلت، لُفگ، لوٺيو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal