SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تذڪرو


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


تذڪرو

A तज़्किरो s. m.

The index or contents of a book


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

تذڪرو

تَذڪِرو جمع تَذڪِرا

ذ. [ع. ذَڪَرَ، تَذَڪَرَ = ياد ڪرڻ < تَذڪِرَة] ذڪر ، بيان. يادگيري. سوانح عمري. يادداشت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تذڪرو

(An Account)

تذڪرو، اهڙو ادب يا تخليق آهي، جيڪو دراصل سوانح ۽ سفر نامي جي صنفن جي ذمري ۾ اچي ٿو. ڇو ته ليکڪ جتي وڃي، يا جتان جو سير سفر ڪري ٿو، اتي جي ماڻهن ۽ ماحول ۽ ملڪي حالتن سان سندس واسطو پوي ٿو، تن کي پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي قلمبند ڪري ٿو. سنڌ ۾ انگريزن جي قبضي وقت انگريز عملدارن/فوجين سفرناما ۽ تذڪرا لکيا، جن ۾ رچرڊ برٽن، ميڪمرڊو، ايسيٽوڪ، جيمس برنس، آر- هيوز ٿامس وغيره اهم آهن. تذڪره نويسي هڪ فن به آهي. سنڌ ۾ ماضيءَ ۾ لکيل ڪيترائي فارسي تذڪرا ملن ٿا، جن جي پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين عالمن ترتيب ۽ تدوين ڪري سنڌ جي تاريخ کي نئين رخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.


تذڪرو سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

ارهائي

ث. ڏک ، رنج ، ناراضپو ، رنجش. ملولائي ، غمگيني.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal