SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تخلص


:جامع سنڌي لغات ۾

تخلص

تَخَلُصُ

ذ. [ع. خَلَصَ = پورو ٿيڻ < تَخَلَصَ، تَخَلُصُ مِن = آجو ٿيڻ] شاعر جو مختصر نالو يا لقب جو هو نظم جي آخر ۾ آڻي، نظم کي پورو ڪري ۽ پاڻ انهيءَ نظم کان آجو ٿئي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تخلص

(Pen Name)

”تخلص“ عربي جي لفظ ”خلاصه“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”مختصر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ”تخلص“ شاعر جو مختصر نالو هوندو آهي، جيڪو هو سڃاڻپ لاءِ شعر يا نظم جي آخري بند يا آخري سٽ ۾ ڪم آڻيندو آهي. مطلب ته ”تخلص“ هڪ شاعراڻو نالو آهي، جو شعر جي پڇاڙيءَ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌي اديب ۽ شاعر پنهنجي لکڻين ۾ تخلص استعمال ڪندا آهن. مثال طور شيخ اياز (مبارڪ علي شيخ)، استاد بخاري (احمد شاهه بخاري)، تنوير عباسي (نور نبي)، امر جليل (قاضي عبدالجليل)، تاجل بيوس (تاج محمد سمون) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.


.


تخلص بابت وڌيڪ اصطلاح

  • فرضي نالو- قلمي نالو- تخلص
  • فرضي نالو، تخلص
  • قلمي نالو- تخلص

  • Remember Me Also:

    پاڇيلو

    ذ. صفت. پٺيان ايندڙ ، ڍِلو. سُست ، ٽوٽِي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal