SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تان


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


تان

तां prep.

From on, down from, off. Adv. Then, that, the correlative of जां جان from such time as.


तानु s. m.

A tune, the key note in music. S. M. Blandishments, coquetry, loving airs or movements.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

تان

تان

ظرف. [ف. تا < تان] وقت جي حد تائين ، وقت جي پڄاڻي تائين ، نيٺ ”تان جو رات پئجي وئي“، ”تان جو ڳالهه کلي پئي“. تيستائين ، ايتري تائين ”تان ڪِي وٽن ويهه، جان ڪي آهن جُوءِ ۾“ شاهه. تنهن وقت ، تنهن ويل جي معنيٰ ۾ ”جان ڏسان، تان ناهه پرين“. انهيءَ وقت ”ڊوڙي

تانَ جمع تانُون

ث. [ف. تان = وات جو اندريون پاسو] ڳائڻ جي هڪ هُنر جو نالو. راڳنيءَ مطابق سُرن جي سلسليوار لاهي يا چاڙهي وارو لهردار آواز نڙي توڙي ساز جو. نڙيءَ يا تارون منجهان هنيل پلٽو. پلٽو. هڪ کان وڌيڪ سُرن جي هيٺ مٿي ڳائڻ جي حالت. هيرَ ، عادت ٿ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

تان

اعرابن سان:تان

[ظرف] وقت جي حد تائين، وقت جي پڄاڻي تائين

* ]ف: تا < تان[

* نيٺ، ’تان جو رات پئجي وئي‘، ’تان جو ڳالهه کلي پئي‘.

* تيستائين، ايتري تائين

’تان ڪِي وٽن ويهه، جان ڪي آهن جوءِ ۾‘ (شاهه/ رامڪلي)

* تنهن وقت، تنهن ويل (جي معنيٰ ۾)، ’جان ڏسان، تان ناهه پرين‘

* انهيءَ وقت

’ڊوڙيو تان رسيو‘

* ته پوءِ

’تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي‘ (شاهه/ ڪلياڻ)

* ’تيئن‘ جي معنيٰ ۾ ’جان‘ سان گڏ ايندڙ حرف

’جان تان ڪري کيس مڃايم‘

* (= جيئن تيئن ڪري کيس مڃايم)

* ]تان = تيئن[

* [ح - جر] سِر تان، جي مٿان، مٿان

* ]اتان (= مٿان، سـِر تان، اتاهين تان، چوٽيءَ تان) < تان (مخفف)[

’آن تان حرف هرو، موراهين معاف ٿيو‘ (شاهه)

-’ساهه سڄڻ توتان، گهورئون گهور گهمائيان‘ (سگهڙ)

* چوٽيءَ تان، ’ڀت تان ڪري پيو‘، ’ڇت تان لاٿائين‘

* سطح تان، ’پٽ تان کنيائين‘

* هنڌان، ماڳان، وٽان (جي معنيٰ ۾)، ’دڪان تان ٿي ٿو اچان‘

*کان (جي معنيٰ ۾)، ’ان ڳالهه تان هٽي وڃ‘؛ ’مقدمي تان هٿ کنيائين‘، ’پنهنجيءَ تان نه مڙيو‘

* منجهان، مان، وچان (جي معنيٰ ۾)، ’ڪتاب تان لکيم‘،’واٽ تان موٽي ويو‘

* سببان، جي ڪري، ان ڪري (جي معنيٰ ۾)، ’ڇا تان ڪاوڙيو؟‘ ’چوريءَ تان سزا کاڌائين‘، ’ذري تان گـُسي ويو‘

* ته (تفسير جي معنيٰ ۾) ’مان تان ڪين اتون ِ، هو ڪڄاڙي کي ڪيچ ويا!‘؛

’نـِٻر ويڻ، شاهنواز چئي، مان تان ڪونه ڪيون ِ‘؛

’لڳي تان لک ٿئي‘ (شاهنواز)

* (تاڪيد ۽ تمنا جي معنيٰ ۾)

’گڏ گذاريون ڏينهڙا، قسمت جا ڪي تان‘ (سگهڙ)

* [ح - جملو] ته، ته پوءِ

’ڀلائي ڪندين، تان ڀلو تنهنجو ٿيندو‘،

’ڀڳو تان ڇٽو‘

* ته به، پڻ

’گهڙو ڀڳو ته گهوريو، ڀڄي تان نه گهڙي‘ (شاهه/ سهڻي)

* اڃا به، البت

’ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريو تان وسهان‘ (رسالو).

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


ٻارن جي لغت مان

تان

گرامر Preposition

- حرف جر

from


تان سان لاڳاپيل لفظ


.


تان بابت وڌيڪ اصطلاح

  • جنهن ڪنهن مهل، ڪهڙي جاءِ تان
  • لهڻ سواري يا ڪنهن مٿانهين جاءِ تان
  • هڪ پني تان
  • ڀرسان، باهم، رستي تان
  • ڪان تان
  • ڪپر تان

  • .


    تان لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    اخوت

    ث. برادري ، ڀائپي. يگانگيت.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal