SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين


:جامع سنڌي لغات ۾

بين

بَينَ

ذ. [هه] پارَ ڪڍي لاش تي روئڻ جي حالت ، ماتم.

بَينَ

ظرف. [ع] وچ ۾.

بَينُ

ذ. [ع] فاصلو ، فرق.

بَينُ

صفت. [ع] صاف ، چٽو.

بِينَ جمع بِينُون

ث. [سن. وِيڻا] ساز جو هڪ قِسم جنهن جي ٻنهي پاسن کان ۽ وچ ۾ ست تارون وڄائڻ لاءِ ٿينديون آهن؛ هندن جي عقيدي موجب اهو ساز پهريائين ’نارد مني‘ جوڙيو هو. طوطو چمڙي جي ڳوٿريءَ ۽ توتارين مان ٺهيل ساز، جنهن ۾ هوا ڦوڪي وڄائبو آهي ، bag،ُiُe. بنسري. مُرلي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

بين

اعرابن سان:بَين

[ا-مذ] پار ڪڍي (لاش تي) روئڻ جي حالت، ماتم

* بيان، ڳالهه، ٻول

* اهو دردناڪ فقرو، جيڪو ڪنهن مري ويل جي غم ۾ (ان جا اوصاف بيان ڪندي) يا ڪنهن ٻيءَ مصيبت ۾ روئڻ وقت زبان مان نڪرندو آهي، نوحو، پار ڪڍي (لاش تي) روئڻ جي حالت، ماتم

* ]سن: واڻي = وائي، هند: بين[

اعرابن سان:بَين

[ظرف] ۾، وچ ۾، درميان

* فاصلو (جهڙوڪ بين السطور)

* ]ع[

اعرابن سان:بَينُ

[ا-مذ] فاصلو، فرق

* ]ع[

اعرابن سان:بَينُ

[صفت] صاف، چٽو

* ڏسندڙ (مثلاً دوربين، مستقبل بين وغيره)

* ]ع[

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


بين سان لاڳاپيل لفظ


.


بين بابت وڌيڪ اصطلاح

  • باريڪ بين
  • باطن بين
  • بـلند بين
  • بلند بين
  • بين بين
  • تماش بين
  • حق بين
  • حقيقت بين
  • حياتي پرکيندڙ اوزار، حيات نما،حيات بين
  • خرد بين
  • خرده بين
  • خورد بين
  • خون بين
  • خوني رنگ بين
  • رت پرکڻو اوزار، خون بين
  • رنگين شعاع پيما، رنگ پرکڻو، رنگ بين، رنگين شعاع بين
  • شڪنج بين
  • عياش، لچو، خراب، تماش بين
  • عين بين
  • قطب بين
  • محتاط- باريڪ بين
  • مرلي، سارنگي، بين
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    بين لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڪن

    ضمير. پرا. ڪاڻ ڪَنهِن. جيئن ته ”ڪَنِ لاءِ = ڪنهن لاءِ“. حرف جر. وٽ ويجهو ، نزديڪ ، ساڻ ، سان ، اوري ، اورتي ، شمال ، گڏ. ”مون ڪَنِ ڪِتاب آهي، جملو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal