SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ايڊز


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ايڊز

Acquired Immune Deficiency Syndrome AIDS

اڪئايرڊ اميون ڊيفيشينسي سنڊروم

مدافعتي سگهه جي کوٽ وارو مرض، طبي سائنس 1981ع ۾ هن بيماريءَ جي پهريون دفعو سڃاڻپ آمريڪي هم جنس پرست مردن ۾ ڪئي. ان کانپوءِ ٻن سالن جي عرصي ۾ آمريڪا ۽ فرانس ايڊز جي جيوڙي HIV (Human Immunodeficiency Virus) کي ڳولي لڌو. عام طور تي دُنيا ۾ هي مرض يا جيوڙو HIV-I ۽ اولهه آفريقا ۾ اهو HIV-2 طور سڃاتو وڃي ٿو. هن بيماريءَ جي لڳڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. مثال طور: ’ايڊز‘ جا جيوڙا کڻي هلندڙ مرد يا عورت سان جنسي تعلق پيدا ڪرڻ يا منجهائن ڪنهن هڪ جو رت استعمال ڪرڻ ، مريِض جون واپرايل سُيون ، ڏاڙهي ڪوڙڻ جي بليڊن سميت ٻين جي استعمال ۾ آيل شيون ڪتب آڻڻ وغيرهه . ايڊز جي جيوڙن کان متاثر ٿيل عورت جو ٻار به هن بيماريءَ کان بچي نه ٿو سگهي. عالمي صحت جي اداري (WHO) موجب هن وقت دُنيا ۾ 2 ڪروڙن کان به وڌيڪ ماڻهو ايڊز جي بيماريءَ ۾ مبتلا آهن. هن تقريبن لاعلاج مرض کي روڪڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي ڪافي ڪوششون ويون آهن. 1986ع ۾ عالمي صحت جي اداري ”Global Program on AIDS“ شروع ڪيو، جنهن جا 3 خاص مقصد هئا: هڪ: HIV کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ، ٻيون: مريِض کي محفوظ ماحول ڏيڻ ۽ معاشري جي طرفان ناڪاري روين کان مريض کي بچائڻ ۽ ٽيون: بيماريءَ جي علاج ۽ احتياط لاءِ تحقيق ڪرڻ. اڄوڪي دور ۾ بين الاقوامي تعلقات جي مدد سان هن بيماريءَ کي روڪڻ جون وڌ کان وڌ ڪوششون ٿي رهيون آهن


Remember Me Also:

قدوري

اسم خاص. شريعت جي احڪامن جو هڪ ڪتاب ، فقه جو هڪ ڪتاب.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal