SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اشتراڪيت


:جامع سنڌي لغات ۾

اشتراڪيت

اِشتَراڪِيت

ث. [ع] حڪومت جو اهڙو سرشتو جنهن ۾ ملڪ جي ملڪيت ۾ سڀني جو هڪ جيترو حصو هجي. حڪومت ، سمايه واد ، سوشلزم.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

اشتراڪيت

اعرابن سان:اِشتراڪيت

]ا - مث[ ڪميونزم،حڪومت جو اهڙو سرشتو جنهن ۾ ملڪ جي ملڪيت ۾ سڀني جو هڪ جيترو حصو هجي،حڪومت،سماج واد،سوشلزم.

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اشتراڪيت

(Communism)

ڪارل مارڪس (1818-1883ع) ۽ فريڊرڪ اينجلس (1820-1895ع) جي فڪر تي مبني هڪ نظريو جنهن مطابق جائداد جا حقيقي مالڪ ۽ وارث رياست يا معاشرو آهن. اهڙيءَ ريت تمام جائداد اجتماعي ملڪيت هوندي آهي. هن نظرئي موجب تمام پيداواري وسيلا ۽ انهن جي تقسيم به رياست جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي. ڪميونزم، سوشلسٽ نظام جي سڀ کان وڏي ترقي يافته شڪل آهي، جنهن ۾ دولت (ناڻي) جي پيداوار ايتري وڌي وڃي، جو معاشرو ماڻهن جي سڀنن ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي قادر ٿي وڃي. رياست جو ڪم ماڻهن مٿان حڪومت ڪرڻ نه هوندو ، بلڪه پيداوار جي تنظيم ڪاري ڪرڻ هوندو. سنڌي ادب ۾ جديديت واري دورکان اڳ وارو ترقي پسند ادب اشتراڪي نظرئي کان گهڻو متاثر هو. ساڳيو رجحان 1980ع کان 1985ع تائين هڪ دفعو ٻيهر وڏي زور شور سان نظر آيو.


تجارت ۽ بينڪاريءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


اشتراڪيت

Socialism


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


اشتراڪيت

Socialism


.


اشتراڪيت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ارتقائي اشتراڪيت
  • انقلابي اشتراڪيت
  • سام واد يا اشتماليت - اشتراڪيت
  • سرڪاري اشتراڪيت
  • عيسائي اشتراڪيت
  • قومي اشتراڪيت
  • مملڪتي اشتراڪيت

  • .


    اشتراڪيت لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    دل لوڙهڻ

    همت هارڻ ، بي همت ٿيڻ ، همت وڃائڻ ، دل شڪستو ٿيڻ ، دل لاهڻ ، سَندِرو ڇوڙڻ، غمگين ٿيڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal