SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ادغام


:جامع سنڌي لغات ۾

ادغام

اِدغامُ

ذ. [ع. اِدغامَ = لغام چاڙهڻ] ڪنهن لفظ ۾ هڪ حرف کي ٻئي متجانس يا هم مخرج حرف سان گڏي شد ڏيئي پڙهڻ ”مَددَتَ < مَدتَ؛ اِدتِخَارُ < اِدخار = يا اِذخاز وغيره“. سنسڪرت ۾ ان کي ”سَنڌِي“ چئبو آهي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

ادغام

اعرابن سان:اِدغام

]ا- مذ[ساڳئي مخرج وارا ٻه وينجن گڏجي ضم ٿيڻ جو عمل، ملي هڪ ٿيڻ، ڪو وينجن ڪنهن هم مخرج وينجن سان گڏي شد سان پڙهڻ (جهڙوڪ محبت =محّبت، تبسم = تبسّم) ٻن لفظن جي اکرن جو گڏجڻ.
*ادغام جا به قسم آهن: هڪ داخلي جو ٻيو خارجي.

* ]قديم سنڌيءَ ۾ ان کي ’سَنڌي‘ چئبو آهي[.

* ]ع: اِدغام = لغام چاڙهڻ[

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ادغام

(Assimilation)

لسانيات جي حوالي سان ’ادغام‘ جو مطلب آهي ته لفظن ۾ ٻن ساڳين لاڳيتن حرفن کي شد سان گڏي هڪ ڪري اچارڻ. ادغام ٻن قسمن جو ٿيندو آهي هڪڙو لفظ جي اندر آواز جو، جيئن مس+س = مسس ۽ ٻيو ٻن لفظن جو ميل جيئن ”اگهه گهڻو“ آهي ۾ ٻئي ’گهه‘ جا آواز گڏجي ويندا آهن ۽ ”اگهڻو“ اچارڻ ۾ ايندو آهي.


ادغام سان لاڳاپيل لفظ


.


ادغام بابت وڌيڪ اصطلاح

  • عمودي ادغام
  • ميلاپ، ڳانڍاپو، ادغام

  • Remember Me Also:

    هيڏي

    هيڏي

    ظرف. هِن طرف. هِن پاسي، هتي هتڙي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal