SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اخبار


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اخبار

(Newspaper)

اخبار عربي لفظ ”خبر“ جو جمع آهي، جڏهن ته لفظ ’اخبار‘ سنڌيءَ ۾ عدد واحد طور ڪم ايندو آهي. انگريزيءَ ۾ خبر لاءِ لفظ NEWS استعمال ٿئي ٿو. جيڪو مختلف ڏسائن North, East, West & South جا ابتدائي اکر کڻي ٺاهيو ويو آهي. خبرون ريڊيو، ٽي. ويءَ ۽ اخبار ذريعي ماڻهن تائين پهچن ٿيون. لفظ اخبار جي اصطلاحي معنيٰ. اهڙا ورق يا پنا، جن تي خبرون، ايڊيٽوريل، مضمون ۽ ڪالم وغيره ڇپيل هجن. پراڻي زماني ۾ جڏهن اخبار جو ذريعو نه هو، ته خبرون، دهل وڄائي، ماڻهن کي گڏ ڪري ٻڌايون وينديون هيون. دنيا جي پهرين قلمي اخبار اٺين صدي عيسويءَ ڌاري، چين ملڪ جي شهر بيجنگ مان جاري ٿي. ان کان پوءِ اخبار جا نوان طريقا ايجاد ٿيندا ويا. پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾، يورپ ۾ اخبار ڇپڻ لاءِ ڇاپخانا ايجاد ٿيا. اوڻيهين صديءَ ۾ اخبار جديد روپ سان اڳيان آئي. ويهين صديءَ ۾، اخبارن ۾ تصويرون ۽ مورتون ڇپجڻ لڳيون. جديد دؤر ۾ اخبارون ڪمپيوٽر وسيلي نڪرن ٿيون. ۽ هاڻي ته انٽرنيٽ تي پڻ اخبارون موجود آهن، يعني ڪاغذ کان سواءِ اخبارون جاري ٿيڻ لڳيون آهن. بهرحال مختلف ملڪن مان مختلف ٻولين ۾ روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون، هزارن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿيون. سنڌي زبان ۾ ڪاوش، عبرت، سچ، ايڪسپريس، هلال پاڪستان، جيجل ۽ ٻيون ڪيتريون اخبارون نڪرن ٿيون.


انگريزي-سنڌي ڊڪشنريءَ مان:


اخبار

News paper


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


اخبار

Newspaper


ٻارن جي لغت مان

اخبار

گرامر noun

- اسم

newspaper


اخبار سان لاڳاپيل لفظ


.


اخبار بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اخبار ث اخبار
  • بازاري اخبار
  • خبر، احوال، اخبار
  • خوار اخبار
  • رسالو، مخزن، اخبار
  • روزاني اخبار
  • غير قانوني اخبار
  • ننڍڙي اخبار، چٽ پٽين خبرن واري اخبار
  • نين شين جو احوال، اخبار
  • پريس، اخبار
  • ٿرٿليون خبرون شايع ڪندڙ اخبار، قوم پرست اخبار
  • ڊپ جهڙيون خبرون شايع ڪندڙ اخبار
  • گوري، ننڍي اخبار، سنسي خيز شام واري اخبار
  • ھفتيوار اخبار

  • .


    اخبار لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ضم

    ذ. ع. ضَمَ = ملائڻ ڪنهن شيءِ کي پاڻ ۾ ملائڻ جي حالت ، شُموليتَ. پيشَ جي حرڪت اها حرڪت ٻنهي چپن جي ملائڻ سان نڪري.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal