SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اتساهه


:جامع سنڌي لغات ۾

اتساهه

اُتساههُ جمع اُتساههَ

ذ. [سن. اُتساههَ > اد = مٿي + سَهه = سهڻ] قوت اِرادي ، عزم. دليري. ڪوشش ، لاڳيتي محنت ، اورچائي. سرجوشي ، سرگرمي. اُمنگ. چاهه ، جزبو ، شوق. جوش. ثابت قدمي ، تحمل. خوشي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اتساهه

(Inspiration)

تخليقي تحرڪ ٻن قسمن جا ٿين ٿا: هڪ ته ليکڪ ڪنهن ٻئي کان متاثر ٿي لکي، ٻيو کيس اهڙو اتساهه پنهنجي اندر مان ملي. ٻين ليکڪن مان اتساهه وٺڻ جو وڏو مثال موجوده دؤر ۾ شيخ اياز آهي، جنهن کان ڪيترا نوان شاعر متاثر ٿي ساڳئي انداز ۾ شاعري ڪرڻ لڳا. شيخ اياز تي وري ڪشنچند بيوس ۽ شاهه لطيف جو اثر هو. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترن ڪهاڻيڪارن امرجليل ۽ جمال ابڙي جو اثر قبوليو يا انهن جي تحرير مان اتساهه ورتو آهي. تخليقي قوت، اتساهه ۽ ڏات تي منحصر آهي.


اتساهه سان لاڳاپيل لفظ


.


اتساهه بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اتساهه ج اتساهه
  • تندي، سختي، زور، سرگرمي، جوش، اتساهه

  • .


    اتساهه لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    چرخ

    ذ. چڪر ، چڪرو ، گول. چرخي. ڦيرو ، گهُمرو ، گردش. سُٽ اوبڻ جو هڪ اوزار. نارُ ، هُرلو. [ف] آسمان.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal