SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اتحاد


مفصل سنڌي لغت مان؛

اتحاد

اعرابن سان:اِتحادُ

]ا - مذ [ايڪو، اِتّفاق، ٻڌي، ايڪتا، ميلاپ، يگانيت.

’مون ناد ٿي اتحادُ وڄايو، هن ديس جو هر فرد جاڳايو‘(استاد بخاري)

* ]ع: اِتّحد = هو هڪ ٿيو[

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


سياسي اصطلاحن جي لغت مان:

اتحاد

Alliance

ڪنهن خاص مقصد لاءِ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملڪ هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪري اتحاد قائم ڪن ٿا، ان اتحاد جي نوعيت مختلف يعني سياسي، اقتصادي، فضائي ۽ دفاعي وغيره ٿئي ٿي. پهرين (1919-1914ع) ۽ ٻي مهاڀاري (1945-1939ع) لڙائي اتحادن جي سياست جي بنياد تي وڙهيون ويون، اڳتي هلي اهي اتحاد ٿڌي ويڙهه (Cold War) جو بنياد بڻيا ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ سوويت يونين اتحادي سياست جو سهارو ورتو. پاڪستان به سيٽو- (سائيٿو ايسٽ ايشين نيشنز آرگنائيزيشن) ۽ سينٽو (سينٽرل ٽريٽي آرگنائيزيشن) جو رڪن بڻيو پر هاڻي موجوده دور ۾ انهن آرگنائيزيشن جو رڪن نه آهي.


اتحاد سان لاڳاپيل لفظ


.


اتحاد بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آسٽريائي -جرمن اتحاد
  • افقي اتحاد
  • انگريز -پوليائي فوجي اتحاد
  • ايڪتا، اتحاد
  • ايڪو، ٻڌي، اتفاق، ميل، اتحاد
  • برطانيا- پولئنڊ اتحاد
  • جارحاڻو- دفاعي اتحاد
  • جبري اتحاد
  • جبري اتحاد- روزي اتحاد
  • جماعت- اتحاد
  • جماعتي اتحاد
  • جمهوري اتحاد
  • جوابي اتحاد
  • دفاعي اتحاد
  • سازش- معاهدو- اتحاد
  • سماجي اتحاد
  • صنعتي انجمن باهمي اتحاد
  • عارضي اتحاد
  • علائقائي اتحاد
  • عملي اتحاد
  • عمودي اتحاد
  • غير فطري اتحاد
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    اتحاد لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    لتوڙڻ

    لُتوڙَڻُ

    مصدر. لتاڙڻ. لَتن ۾ چِپَڻُ. تڪليف ڏيڻ. (لتوڙيو ، لتوڙيندو، لتوڙيل).

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal