SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آپيشاهي


مفصل سنڌي لغت مان؛

آپيشاهي

اعرابن سان:آپيشاهِي

]ا - مث[ پنهنجي بادشاهي، شخصي حڪومت، پنهنجي مرضيءَ موجب هلت.

* زورآوري، ڏاڍائي، زبردستي، ظلم، انڌير، انڌ ڌنڌ.

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آپيشاهي

Autocracy

آٽو ڪريسي

بي شمار اختيار رکندڙ ڪنهن به هڪ شخص جي هٿ هيٺ هلندڙ حڪومتي سرشتو، جنهن ۾ حاڪم من- متي تي عمل ڪندي، هڪ طرفا فيصلا ڪري. هيءُ اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن منجهان مُراد هڪ اهڙي سياسي نظريي واري آهي، جنهن ۾ حڪمران جي حاڪميت لامحدود هوندي آهي. Autocrat (آپيشاهه) جو اصطلاح اهڙي حاڪم لاءِ ڪتب ايندو آهي، جنهن جو لاڳاپو ڀلي ته شاهي خاندان سان نه هجي، پر اهو حڪومت پنهنجي مطلق خواهش مطابق هلائي. اڄڪلهه هيءُ اصطلاح ڪنهن به آمر، جابر ۽غير جمهوري حاڪم لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو


آپيشاهي سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

مٿي تي هٿ رکڻ

مَٿي تي هَٿُ رَکَڻُ

همدردي ڪرڻ، ڏُک ڀائي ٿيڻ، مدد ڪرڻ، واهر ڪرڻ. سرپرستي ڪرڻ. دلاسو ڏيڻ. مهرباني ڪرڻ، وَڙُ ڪرڻ، احسان ڪرڻ، ٿورو ڪرڻ، لائق ڪرڻ، مهر ڪرڻ، اِڇا ڪرڻ، عنايت ڪرڻ. ارمان ڪرڻ، افسوس ڪرڻ، ڏُک ڪرڻ، ڳڻتي ڪرڻ، فڪر ڪرڻ. کُٽجي پوڻ، واپار وغيره ۾

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal