SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Trilatralism

(click word to listen sound
  • 🔊
  • trilatralism
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Trilatralism

ٽراءِ ليٽرلزم

ٽه - رُخو شراڪتي سرشتو

عالمي سياسي نظام جي حوالي سان استعمال ٿيندڙ هڪ اصطلاح ، جنهن ذريعي دُنيا جي مک گهڻ- قومي ادارن (MNCs) ۽ صنعتي طور اُسريل مک قومن (AINs) وچ ۾ وسيع تعاون جو ماحول پيدا ڪيو ويندو آهي، ته جيئن معاشيات کي عالمي سرشتي ۾ مٿانهين سطح تي سگهاري قوت طور برقرار رکي سگهجي. ٻي عظيم جنگ جي خاتمي کانپوءِ قائم ٿيل ”پرڏيهي معاملن بابت ڪائونسل“ (Council for Foreign Relations) ۽ European Bilderbergers نالي ٻه اهڙيون غير سرڪاري تنظيمون قائم ٿيون، جن جو بنيادي مقصد ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻنهي طرفن تي موجود ملڪن جي معاشي توڙي سياسي پاليسين تي اثر انداز ٿيڻ هو. انهن ملڪن وچ ۾ تجارتي جنگ جي خطري کي روڪڻ لاءِ، مشهور آمريڪي صنعتڪار ’ڊيوڊ راڪفيلر‘ (David Rockefellor) ۽ آمريڪي پرڏيهي معاملن جي ماهر ’زبگينوبرزنسڪي‘ (Zbigniew Bryzezinski) جي تصورن جي ميلاپ سان ٽه- رخي ڪميشن (Trialteral Commision) جو بنياد عمل ۾ آيو. جنهن جو بنيادي مقصد، دُنيا ۾ هڪ اهڙو معاشي نظام قائم ڪرڻ هو، جنهن سان بنا ڪنهن ويڙهه جي سمورين ڌرين ۽ قومن کي فائدو پهچي سگهي. تاريخي طور هر اثرائتي تنظيم جو هڪ منتظم هوندو آهي، اڄ جي عالمي نظام ۾ منتظم جو اهو ڪردار گڏيل طور تي آمريڪا، جاپان ۽ اولهه يورپ جي حڪمرانن کي چئي سگهجي ٿو. ويهين صديءَ ۾ قائم ڪيل ٽه- رُخي ڪميشن (Trilateral Commision) جو هر ميمبر، پنهنجي شعبي ۾ هڪ وڏي بااختيار عُهدي تي موجود هوندو آهي. انهن ميمبرن جي مرتبي کي ڏسندي، محسوس ڪري سگهجي ٿو، ته منجهانئن هر ميمبر پنهنجي شعبي ۾ تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪئي هوندي. پر جڏهن اهي سڀ شخص Trilateralism جي جهنڊي هيٺيان گڏجن ٿا، ته انهن جا مقصد عالمي امن جي سلسلي ۾ تمام گهڻا ڳڻتيءَ جوڳا محسوس ٿين ٿا


Remember Me Also:

بسته رحم

ث. اُها عورت جنهن کي اولاد نه ٿئي ، سَنڍ ، عقيم ، بغل ٿيلهو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal