SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Transnational

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • trænsneiʃənl

From the Dictionary of International Relations:

Transnational

ٽرئنسنيشنل

مَٿَ- قومي

اهڙي سرگرمي يا معاملو جيڪو ڪنهن به هڪ ملڪ جون سرحدون پار ڪري گهڻين قومن/ رياستن تائين ڦهلجي وڃي ۽ جنهن جا اثرهڪ ئي وقت ڪنهن مخصوص ملڪ تي نه پرگهڻن مُلڪن تي پوندا هجن. مثال طور ماحولياتي تپش هڪ ئي وقت ڪنهن هڪ نه پرهڪ کان وڌيڪ رياستن جو مسئلو هوندي آهي ۽ ان کي مٿَ- قومي سطح تي ئي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ يورپي يونين جهڙيون مٿَ - قومي تنظيمون مثال خاطر پيش ڪري سگهجن ٿيون. اهڙين تنظيمن جي ڪيل فيصلن ۽ جوڙيل پاليسين جا اثرسموري خطي ، سڀني ميمبر ملڪن ۽ ساڻن واسطيدار يا وهنوار ۾ ايندڙ ملڪن ۽ ٻين تنظيمن جي مفادن تي پون ٿا. ان ڪري ان ۾ گهڻن ملڪن جا ماهر۽ پاليسيون جوڙيندڙ حصو وٺن ٿا.هن قسم جي سرگرمي بين الاقوامي(International) گهڻ- قومي (Multinational) ۽ وڏ- قومي (Supra-national) سطح تي ٿيندڙ سرگرمين کان بالڪل مختلف هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو اهڙي سرشتي ۾ ڪيل فيصلن ۾ رڳو لاڳاپيل حڪومتون نه پر عوام ، گهڻ- قومي منڊلين ، سول سوسائٽيءَ سميت سماج جي سڀني پرتن کي شريڪ ڪيو ويندو آهي ۽ هڪ ملڪ ۾ ڪيل تجربا ٻين ملڪن لاءِ سبق ۽ سکيا جو سبب بڻبا آهن


Remember Me Also:

سوهڻ

ث. ڪاٺ کي لسي ڪرڻ جو لوهو اوزار ، سُونهَڻَ ، روات ، ٽڪوري ، رواتي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal